دلشاد ڀٽو (انگريزي ٻولي:Dilshad Bhutto) سنڌ پاڪستان جو سياستدان ، ليکڪ ۽ صحافي آھي.[1]

دلشاد ڀٽو
Dilshad Bhutto

دلشاد ڀٽو
پيدائش ڳوٺ سعيد خان ڀٽو، دادو
ڌنڌو ليکڪ، صحافي ، سياستدان
ٻولي سنڌي
رهائش ڳوٺ سعيد خان ڀٽو
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم. اي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور هاڻوڪو
موضوع ادب، صحافت، سياست

زندگي جو احوال سنواريو

دلشاد علي ڀٽو سنڌ جي دادو ضلعو ۽ دادو تعلقو جي ڳوٺ سعيد خان ڀٽو ۾ محمد بخش ڀٽو جي گهر ۾ پهرين اپريل 1972ع ۾ پيدا ٿيو.[2][3]

تعليم سنواريو

هن پرائيمري تعليم ڳوٺ جان محمد خشڪ ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو شهر مان ڪيائين. انٽر دادو ڪاليج.۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين.[2]

ادب ۽ صحافت سنواريو

دلشاد ڀٽو جو ننڍپڻ کان ادب ڏانهن لاڙو هو. هن ادب، سماج ۽ سياست بابت مضمون لکڻ شروع ڪيا جيڪي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. هيءُ روزانه عبرت حيدرآباد جو اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو. پريس ڪلب دادو جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ ٽيو.[2]

سياست سنواريو

دلشاد ڀٽو اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ساٿي ٻارڙا سنگت جو ميمبر بڻيو. پوءِ هيءُ وطن دوست انقلابي پارٽي ۾ شامل ٿيو. دلشاد ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي دادو ضلعي جي نظرياتي شعبي جو انچارج رهيو. بعد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيو. مهراڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ جو مرڪزي نائب چيئرمين به رهيو. ان کان علاوه ٽريڊ يونين ايڪشن ڪاميٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهيو.[2] دلشاد ڀٽو سنڌ نيشنل پارٽي ۾ به اهم عهديدار ٿي رهيو[4] دلشاد ڀٽو 2013ع وارين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 232[5] ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر پي ايس 75 تي چونڊ لڙيو.[6] [7]سياسي طور کيس هيسائڻ لاءِ مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا.[8] هن انساني حقن جي جدوجهد ۾ به ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪيو آهي.[9]

حوالا سنواريو

  1. Buriro, Riazat. "سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: پيا ڄمندا ڄام - ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ (Dr. Dur Muhammad Pathan)". سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا. حاصل ڪيل 2021-08-14. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-12-22. 
  3. "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2019-12-22. 
  4. "Demo against oil firm held". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-12-22. 
  5. "NA 232 Election Result Candidates, Constituency Details". hamariweb.com. حاصل ڪيل 2019-12-22. 
  6. "Dilshad Ali Bhutto - Profile, Political Career & Election History". UrduPoint. حاصل ڪيل 2019-12-22. 
  7. "PS-75 Sujawal, Sindh Assembly, Results, Candidates & Votes". UrduPoint. حاصل ڪيل 2019-12-22. 
  8. Report, Dawn. "Candidates accuse rivals of massive rigging". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-12-22. 
  9. "KARACHI: Teachers’ rally baton-charged". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-12-22.