دسهڙو، وجيدشمي (وجيه دشمني Vijayadashami) (سنسڪرت: विजयदशमी, रोमन: Vijayadaśamī)Dashahara، جنهن کي دشهرا، داسارا يا دشين ، ’وجئه لڪشمي‘ به چيو ويندو آهي[1]، هڪ اهم هندو ميلو آهي، جيڪو هر سال نواراتري جي آخر ۾ ملهايو ويندو آهي.[2] [3]اهو هندو ڪئلينڊر جي مهيني اشوين ۾ ڏهين ڏينهن تي ملهايو ويندو آهي، هندو لوني-شمسي ڪئلينڊر جو ستين مهينو، جيڪو عام طور تي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي گريگورين مهينن ۾ پوي ٿو.


ھندو ازم ۾ گنگا نديءَ کي ديوي جو روپ ڄاڻائي انهيءَ تي نالو رکيائون ”دهشهرا“ يعني دش (ڏهن) پاپن کي هرڻ ڪرڻ (کڻي وڃڻ يا لاهڻ) واري شڪتي[4]. ڪيترا هندو اڄ تائين گنگا دسهڙو ملهائيندا آهن ۽ ائين وسهندا آهن ته گنگا نديءَ ۾ ٽٻيءَ ڏيڻ ڪري ڏهن ئي قسمن جا پاپ ميٽجي وڃن ٿا. پراڻ پٽاندر ديويءَ انهيءَ ڏينهن دئتن تي سوڀ پاتي هئي، تنهنڪري دسهڙي کي ”وجيه دشمني“ يعني سوڀ جي ڏسنهنءِ (ڏهين تِٿِ) به چوندا آهن. انهيءَ ڏينهن سري رامچندر به رانوڻ تي سوڀ پاتي هئي، تنهنڪري هينئر عام طرح دسهڙو سري رامچندر جي سوڀ ملهائڻ جو ڏينهن ڪري ليکيو وڃي ٿو، نه ته حقيقتاً دسهڙي ملهائڻ جو رواج سري رامچندر کان گهڻو آڳاٽو آهي، ۽ دسهڙو (دشهن) اصل ۾ درگا ديويءَ توڙي گنگا نديءَ جو نالو يا لقب آهي.[4][5]

حوالا سنواريو

  1. "دسهڙو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  2. "دسهڙو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  3. Moderator, The Time News. "ھندو برادري دسهڙو ملهايو، راوڻ جي پتلن کي باهيون". The Time News. حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  4. 4.0 4.1 "باب پندرهون : نيتي يا اخلاق - قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  5. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page30.html#_ftnref1.  Missing or empty |title= (مدد)