دري---Window : اردوء ۾ :'کھڑکی : ڀت ، ڇت، در ۽ گاڏيء ۾ اھڙو سوراخ آھي جتان ھوا، روشني ۽ آواز اندر داخل ٿيندو آھي. جديد درين ۾ شفاف يا چمڪيلا يا روشن شيشا لڳايا ويندا آھن.[1] انھن جي قسمن ۾ آئي برو دري، فڪسڊ دري، سنگل ھنگ دري ، ڊبل ھنگ دري، سيش دري، ھاريزہنٽل سلائيڊنگ سيش دري ، ڪيس واري دري، آننگ دري، ھوپر دري، ٽلٽ ۽ سلائيڊ دري، ٽلٽ اينڊ ٽرن دري، سائيڊ لائيٽ دري،جالوسي يا لوورڊ دري، ڪلريسٽري دري، اسڪاء لائيٽ دري، ڇت يا روف واري دري، اوريل دري، ٿرمل دري، ڊئيوڪلٽين دري، تصوير واري دري، ايمرجنسي اگزٽ دري، فرينچ دري،ٽرپل پينل واري دري.جاءِ اندر مختلف ڪمرن جي نوعيت مطابق انھن کي ھر موسم آھر ھوا ۽ روشني پھچائڻ لاءِ درين جو لڳائن تمام ضروري آھي. اھي اھڙي انداز ۾ لڳائڻ گھرجن،، جيئن ھوا جو گذر انھيءَ جي رخ پٽاندڙ، بنا ڪنھن رنڊڪ جي ۽ صحيح طرح سان ٿئي. برٽش قائدن مطابق درين جي ايراضي ڪمري جي فرش جي ايراضيءَ (Carpet Areas) جو گھٽ ۾ گھٽ ڏھون (1/10) حصو ھئڻ گھرجي.[2]

پورچوگال ۾ پورٽو ڪووو ۾ھڪ روايتي دري

تاريخ سنواريو

رومين سڀ کان اول شيشي جو استعمال درين ۾ ڪرڻ جي ابتدا ڪئي. انھن ان ٽيڪنالاجي جي آغاز رومي مصر جي شھر اسڪندريہ ۾ سن 100عيسويء ڪيو. پيپر واريون دريون قديم جپان، ڪوريا ۽ چين ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿينديون ھيون جيڪي ڏاڍيون سستيون ھيون. انگلينڊ ۾ شيشي جو استعمال درين ۾ سترھين صدي عيسويءَ ۾ عام جام ٿي ويو ھو.

 
اسپين جي موريلا شھر ۾ سانتا ماريا لا ميجر چرچ جون سينگاريل دريون
 
ويلنسيا ڪئٿيڊرل ۾ الاباسٽر دري

درين جا قسم سنواريو

درين جي مختلف قسمن جو مختصر تفصيل ھيٺ بيان ڪجي ٿو.[2]


پانيلن واري دري

(Panelled or Casement Windows)

ھن قسم جون دريون، دروازن وانگر ھڪ تاڪ يا ٻن تاڪن جون ٿينديون آھن، جن کي ڪاٺ جي فريم سان انجيسن ذريعي لڳايو ويندو آھي ۽ ھن قسم جون دريون عام طرح سان استعمال ڪيون وينديون آھن، جن ۾ پانيلن اندر ڪاٺ جي پترن تختن کي گھربل نموني ۾ لڳايو ويندو آھي. انھيءَ کان سواءِ سمورن پانيلن اندر ڪاٺ جي سنھن تختن کان علاوھ ڪجھھ حصي تائين شيشا ۽ ڪجھھ حصي تائين ڪاٺ جا سنھا تختا لڳايا ويندا آھن. اھڙن ڪمرن ۾ جتي روشنيءَ جي گھڻي ضرورت ھوندي آھي تھ سڀيئي پانيل شيشي جا رکبا آھن. شيشن کي قابو ڪرڻ واسطي ڪاٺ جون سنھيون پٽيون استعمال ڪيون وينديون آھن، جن کي (Sash bars) سڏيو ويندو آھي. ھن قسم جي درين جا تاڪ اندر يا ٻاھر کولي سگھبا آھن. ڪن حالتن ۾ درين لاءِ ڇڏيل خالن کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويندو آھي، انھيءَ لاءِ چؤڪاٺي اندر اڪثر طور تي مٿان کان انھيءَ جي چوٿين حصي تائين ھڪ وڌيڪ سڌي پٽي لڳائي ويندي آھي ۽ مٿئين حصي ۾ شيشو لڳائي ڇڏبو آھي. دريءَ جو اھو حصو دائين بند رھندو آھي ۽ انھيءَ کي کولي ۽ بند ڪري نھ سگھبو آھي. اھڙي قسم جي شيشي جي حصي کي فئن لائيٽ (Fan Light) سڏيو ويندو آھي. اھڙيءَ طرح سان ھڪ تھ دري ۽ روشندان لاءِ الڳ الڳ لنٽيل ٺاھڻ جي ضرورت نھ پوندي آھي ۽ ٻيو تھ ڪاٺ جي بچت پڻ ٿيندي آھي. ھن قسم جو نظام دروازن سان گڏ پڻ ڪري سگھبو آھي. درين ۽ دروازن مٿان ھڪ کتل (Fixed) روشندانن جي جاءِ تي کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ روشندان پڻ لڳائي سگھبا آھن. اھڙا ڪمرا جن ۾ عليحدھ طرح سان روشندان لڳائڻ جي گنجائش نھ ھوندي آھي تھ انھيءَ ھنڌ ھن قسم جو بندوبست ڪيو ويندو آھي.[2]

ٻاھر نڪتل دري

(Bay Window)

ھن قسم جي دري ڪمري جي ٻاھرين ديوار کان ٻاھر تي نڪتل ھوندي آھي. مطلب تھ ھي دريون صرف ڪمري جي ٻاھرين ديوارن ۾ لڳايون وينديون آھن ۽ اھي ٻاھرين ڀتين کان ٻاھر نڪتل ھونديون آھن.


پانيلن واري دري


ھي دريون گھڻن ئي ڊؤلن جون ٿينديون آھن، جھڙوڪ، چؤڪور، گول ۽ گھڻ ڪنڊائتيون (Polygonal) وغيره. ھن قسم جي درين جو ٻاھر نڪتل ڀاڱو (Projection) دريءَ جي فرش واريءَ ليول کان يا فريم جي ھيٺئين سڌي پٽيءَ (Sill) کان شروع ٿيندو آھي. ھن قسم جي درين لڳائڻ سا عمارتن جي خوبصورتي وڌي ٿي. ھنن جي لڳائڻ سان ڪمرا ھوادار، ڪشادا ۽ روشن رھن ٿا.

ڪنڊائتي دري


(Corner Window)

ھن قسم جون دريون ڪمرن جي ڪنڊ وٽ لڳايون وينديون آھن. انھن جي لڳائڻ سان ڪمرا ھوادار رھن ٿا ۽ عمارت جي خوبصورتي وڌي ٿي. ھن قسم جي دريءَ لڳائڻ سان چؤڪاٺي جي وچين ٻانھن ٻنھي طرفن جو ڪم ڏئي ٿي ۽ اھڙيءَ طرح سان ھڪ ٻانھن جي بچت ٿئي ٿي

روشندان

(Clerestory Window or Ventilator)

ھن قسم جون دريون روشندان ڀر واري ورانڊي ۽ ڪمرن جي ڇتين جي مختلف اوچائيءَ سبب انھن جي وچ واري ديوار جي حصي ۾ مٿينءَ ڇت جي نزديڪ لڳايا ويندا آھن. ھيءُ تاڪ جي ٻاھرين اڀين پٽين کي ٻنھي پاسن کان مدارن يا ٽيڪن (Pivots) تي ٽيڪي لڏڻ جي انداز ۾ لڳايون وينديون آھن ۽ تاڪ جي مٿئين ۽ ھيٺئين سڌي پٽيءَ جي پوري وچ تي ڇلا (Rings) لڳائي، انھن ۾ رسين جو ھڪ ھڪ ڇيڙو ٻڌي ان جي ٻئي لٽڪيل ڇيڙي کي ڇڪ ڏيڻ سان انھن کي کولي ۽ بند ڪري سگھبو آھي .ساڳيءَ ليول وارن ڪمرن جي ڇت ۾ لڳائڻ واريءَ صورت ۾ انھن کي روشندان (Ventilators) سڏيو وڃي ٿو جيڪي ڪمرن کي روشن رکڻ سان گڏ ڪمرن کي ھوادار پڻ بنائن ٿا.[2]

ڊارمر ونڊو

(Dormer Window)

ھن قسم جون دريون سلاميءَ وارين ڇتين جي سلاميءَ واري سطح (Slopping surface) تي لڳايون وينديون آھن. اھي ٻن قسمن جون ٿينديون آھن، ھڪ گيبل ٽائيپ ۽ ٻيون ڇاپري ٽائيپ (Gabel type and shade type). گيبل ٽائيپ دريون ڇتين جي مٿئين نوڪدار ڀاڱي تي لڳايون وينديون آھن ۽ ڇاپري ٽائيپ دريون چؤڪور اڀي حصي تي لڳائبيون آھن. اھڙيءَ طرح انھن جو انداز ڇتين جي قسم تي منحصر آھي.


لالٽين نما دري


(Lantern Window)

ڊگھين ۽ مسلسل جاين ۾ آمھون سامھون ٺھيل ڪمرن جي وچ واري لنگھھ (Passage) کي روشن ۽ ھوادار بڻائڻ لاءِ ھن قسم جون دريون مھيا ڪيون وينديون آھن، جيڪي ھڪ ئي ليول وارين ڇتين مٿان اڀريل نموني لڳايون وينديون آھن ۽ انھن جي مٿي اڀريل پاسن کان روشني پھچائڻ واسطي انھن پاسن ۾ شيشا لڳايا ويندا آھن.[2]


روشندان يا اسڪاءِ لائيٽ

(Sky Light)

ھن قسم جا روشندان سلاميءَ وارين ڇتين ۾ اھڙي ريت لڳايا ويندا آھن تھ جيئن انھن جي چوٽي ڇت جي سطح سان پوروڇوٽ رھي.[2]

حوالا سنواريو

  1. "Window". The Free Dictionary By Farlex.  Text " u http://www.thefreedictionary.com/window/ " ignored (مدد);
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو