درزي:(انگريزي: Tailor ) جنھن کي عربي ۽ فارسي ۾ خياط، ترڪي ٻولي۾ تيرزي ۽ اردو ۽ ھندي ۾ ساڳيو درزي چوندا آهن. ڪپڙن جي سلائي ڪرڻ واري شخص کي درزي چيو ويندو آهي، ۽ ان پيشي کي درزڪو ڪم چوندا آهن. جيڪڏهن اھو ڪم پيشي جي حساب سان عورت ڪري ان کي درزياڻي سڏيو ويندو آهي. انگريزي لفظ ٽيلر لاطيني لفظ ٽيليو talio ۽ ٽيليا talea مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي ڪٽڻ[1].درزي فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي ڪپڙن سبڻ وارو . اھو لفظ درز مان نڪتل آهي جنھن جي معني سبڻ آھي. درزي ڪپڙن لاء پھرين ڪپڙن جي سلائي لاء ماپ وٺندو آهي ۽ ڪپڙن کي ان ماپ مطابق مخصوص نموني ۾ سبڻ لاء ان سبيل ڪپڙي جي ماپ جي حساب سان ڪٽائي ڪندو آهي جنھن بعد ان کي سبي قميص، سلوار ، پينٽ ،ڪوٽ يا ڪنھن مخصوص لباس جو روپ ڏئي تيار ڪندو آهي. درزڪي ڌنڌي ۾ وڏي تقسيم عورتن ۽ مردن جي لباس ۾ جنس مطابق فرق ھجڻ جي ڪري ٿيل آهي. عورتن جا درزي الڳ ۽ مردن جا الڳ ھوندا آھن. اسلامي روايتن مطابق ڪپڙن کي سبڻ جي شروعات حضرت ادريس عليه اسلام ڪئي ھئي. درزي ڪم کي سلائي جو ڪم چوندا آھن. عام طور تي اھو ڪم ڪپڙن جي سلائي مشينن تي ڪيو ويندو آھي. سنڌ ۾ ٻھراڙيءَ ۽ شھرن ۾ وچولي طبقي ۾ اڪثر عورتون گھرن ۾ اھو ڪم سکي زنانه ڪپڙا ۽ ننڍن ٻارن جا ڪپڙا گھرن ۾ بہ سبنديون آھن پر درزي ان کي چوندا آهن جيڪي اھو ڪم بطور ھڪ پيشي جي ڪندا آهن. سنڌ جي شھرن ۾ زناني ڪپڙن سبڻ لاء ڪم ڪندڙ درزي اڪثر مرد ھوندا آھن. شھرن ۾ پينٽ شرٽ ۽ ڪوٽ سبڻ لاء وري علحده درزي ھوندا آھن جن کي پنھنجي ان ڪم ۾ خاص مھارت ھوندي آھي. درزي ساڳي وقت ڊزائينر بہ ھوندو آھي جيڪو ڪپڙي کي اھڙي طرح مھارت سان ماپ تي ڪٽيندو آھي جو سبڻ سان ھڪ مخصوص ڊزائين اختيار ڪندو آهي. درزي جو اھم اوزار ان جي قينچي ھوندو آھي جيڪا عام طور تي وڏي سائيز واري ھوندي آھي.

چين ۾ روڊ پاسي ھڪ درزي

حوالا سنواريو

  1. [1] وڪشنري