خواجه محمد طاهر بخشي

خواجه محمد طاهر عباسي بخشي هاڻوڪي دؤر ۾ سنڌ جو مشهور صوفي بزرگ ۽ روحاني رهبر آهي جنهن جا مريد سنڌ کان سوا پاڪستان ۽ ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن ۾ موجود آهن. پاڻ نقشبندي مجددي طريقي جو مرشد آهي.

مولانا محمد طاهر عباسي نقشبندي کي سنڌ ۾ سندس مريد پيار مان محبوب سڄڻ سائين سڏيندا آهن، جنهن ڪري کيس ان ئي لقب سان سڃاتو ويندو آهي. پاڻ درگاه الله آباد شريف لڳ ڪنڊيارو جو گادي نشين آهي، جنهن جو بنياد سندس والد ۽ مرشد پير سهڻا سائين وڌ هو. سهڻا سائين لاڙڪاڻي جي مشهور بزرگ پير مٺا سائين جو سڀ کان وڏو خليفو هو ۽ جماعت اصلاح المسلمين جو باني پڻ هو.

تعليم ۽ تربيت سنواريو

سڄڻ سائين 1963 ۾ لاڙڪاڻي جي ڀرسان درگاھ رحمت پور شريف ۾ پيدا ٿيو. اڳتي هلي سندس والد دادو ضلعي ۾ راڌڻ جي ويجهو درگاه فقيرپور شريف قائم ڪئي، جتي سڄڻ سائين پنهنجي بنيادي تعليم پرائي. ان بعد سهڻا سائين ڪنڊيارو جي لڳ درگاھ الله آباد شريف قائم ڪئي جتي هڪ وڏو ديني مدرسو به قائم ڪيو ويو. سڄڻ سائين انهيءَ مدرسي مان تعليم پرائي ۽ اعليٰ تعليم حيدرآباد ۽ ڪراچي جي مدرسن مان حاصل ڪئي جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر جي ڊگري به حاصل ڪئي.

تصوف جي نقشبندي طريقي ۾ پاڻ پنهنجي والد سهڻا سائين کان روحاني تربيت ۽ نسبت حاصل ڪئي. سلوڪ جي سبقن مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سهڻا سائين کيس خلافت عطا ڪئي. سهڻا سائين جي وفات کان پوءِ سندس مڙني خليفن گڏجي ڪري سڄڻ سائين کي درگاهه جو گادي نشين بڻايو ۽ سڀني مريدين نئين سر ساڻس بيعت ڪئي.

مريد ۽ خليفا سنواريو

هن وقت سڄڻ سائين جي خليفن جو تعداد 400 جي لڳ ڀڳ آهي جڏهن ته مريدن جو ڳاڻيٽو ڏھ لک کان مٿي ٻڌايو وڃي ٿو. انهن کان سوا ٻيا به لکين ماڻهو سندس عقيدمند آهن. هر سال نومبر جي مهيني ۾ درگاهه الله آباد شريف تي عرس ٿيندو آهي جنهن ۾ ڏھ لک کان وڌيڪ ماڻهو شامل ٿيندا آهن. سندس خليفا سموري سنڌ، پنجاب، بلوچستان، آسٽريليا، برطانيا، ناروي، دبئي، چين ۽ سري لنڪا وغيره ۾ موجود آهن ۽ ديني تبليغ توڙي روحاني ۽ اخلاقي اصلاح جو ڪم ڪندا رهن ٿا.

سندس مشهور خليفن ۾ هي نالا شامل آهن: