خراب صورتحال جو جائزو

خراب صورتحال جو جائزو يا وَرسٽ ڪيس ايناليسز (انگريزي ٻولي: Worst Case Analysis) جي هن اصطلاح ذريعي اُميد کان وانجهيل اهڙي صورتحال بيان ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ حالتون ٺيڪ ٿيڻ جا روايتي طريقا پنهنجو اثر وڃائي ويهن ۽ لاڳاپيل ڌُر ۾ نااُميدي ڇانئجي وڃي. هيءُ تصور سلامتي، فوجي مسئلن ۽ بچاءَ جي رٿابنديءَ ۾ ڏاڍي اهميت رکي ٿو ۽ دُشمن جي حاوي ٿيڻ مهل پيدا ٿيندڙ حالتن جو نقشو چٽيندي، ڪنهن به مُعاملي جي تفصيلي جائزي تي زور ڏيئي، ٿيڻ جوڳو حل تجويز ڪري ٿي. ڪيترا سياستدان، فوجي جنرل ۽ آمر عوام آڏو منجهيل مسئلا ۽ صورتحالون تجزيي لاءِ اُڇلي، کانئن مُختلف ٻين مسئلن تي حمايت حاصل ڪري وٺندا آهن. هن اصطلاح کي ائٽمي هٿيارن جي حوالي سان به سُڃاتو وڃي ٿو. جنهن مطابق اها تصديق ٿيندي آهي ته ڪو به تجربو يا هٿيار اُهي گهربل معيار، صلاحيتون ۽ خاصيتون رکي ٿو، جيڪي کيس ڪاميابيءَ سان ٽارگيٽ تائين رسائين.[1]

حوالا سنواريو