خالد محمود عارف
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 1930   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
جالنڌر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
تاريخ موت 6 مارچ 2020 (89–90 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو شاعر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون
عهدو جنرل آفيسر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو military rank (P410) وڪي ڊيٽا تي
لڙائيون ۽ جنگيون انڊو-پاڪستاني جنگ 1965ع   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو conflict (P607) وڪي ڊيٽا تي

جنرل. ڪي. ايم. عارف يا خالد محمود عارف، سنه 1949ع ۾، پاڪستان جي فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ مقرر ٿيو. ڪمانڊ ائنڊ اسٽاف ڪاليج، ڪوئٽيا، نيشنل ڊفينس ڪاليج، راولپنڊي، آمر اسڪول فورٽ ناڪس، ڪينٽڪي، آمريڪا ـــ ـــ ٽنهي مان گريجوئيشن ڪيائين. هو گهڻن ئي اعليٰ عهدن تي رهي چڪو آهي، جن ۾ ڊئريڪٽر مليٽري آپريشنس ۽ جي. ايڇ. ڪيو ۾ مليٽري سيڪريٽريءَ جا منصب به شامل آهن. سنه 1984ع ۾، جنرل عارف کي ’فور اسٽار جنرل‘ جي عهدي تي ترقي ڏني ويئي، ۽ ’وائيس چيف آف آرمي اسٽاف‘ مقرر ٿيو. مارچ 1987ع ۾، هن انهيءَ اعليٰ عهدي تان رٽاير ڪيو. دراصل، پاڪستاني فوج جي عملي طرح ’ڪمانڊر‘ ئي هو، ڇو ته ’چيف آف آرمي اسٽاف‘ جا اختيار پڻ کيس سونپيا ويا هئا. جنرل عارف باوقار شخصيت جو مالڪ آهي. سندس لفظ وڏو وزن رکي ٿو،انڪري نه رڳو روزانه ڊان ۽ ٻيون انگريزي اخبارون، سندس مضمون شايع ڪنديون رهنديون آهن، پر، B.B.C. قومي اهميت جي نازڪ مسئلن تي ’سندس بيان ۽ تاثرات‘ نشر ڪندي رهندي آهي.جنرل عارف کي ادب سان گهري دلچسپي آهي. پاڻ باڪمال شاعر آهي. سندس اردو ڪلام جا به مجموعا شايع ٿي چڪا آهن ۽ ٽيون زير طبع آهي. انگريزيءَ ۾ ڪن اهم ڪتابن جو منصف آهي. هن ملڪ جي ممتاز اداري ”پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس“ کي صحيح معنيٰ ۾ ”قومي ادارو“ بنائڻ لاءِ منجهس صوبائي ٻولين جي اديبن کي شريڪ ڪرڻ ضروري سمجهيو. سندس حڪم جي پيرويءَ ۾ ئي وزارت تعليم حڪومت پاڪستان صوبي سرحد مان خاطر غزنوي صاحب کي ۽ سنڌ مان غلام رباني آگري صاحب کي ايڪيڊميءَ ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيو هو.[2]

حوالا سنواريو

  1. Identifiants et Référentiels — اخذ شدہ بتاریخ: 8 مَئي 2020 — ناشر: Agence bibliographique de l'enseignement supérieur
  2. ادارو؛رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 2002ع