حنا رباني کر

پاڪستاني سياستدان

حنا رباني کر پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير، 19 جنوري 1977ع تي ملڪ غلام ربانيءَ جي گهر، مظفرڳڙهه، پنجاب ۾ جنم ورتو.

حنا رباني کر

تعليم سنواريو

ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد لاهور يونيورسٽي آف مئنجيمنٽ سائنسز ۾ معاشيات جي مضمون ۾ بي. ايس. سي جي ڊگري حاصل ڪيائين، وڌيڪ پڙهائيءَ لاءِ 2001ع ۾پرڏيهه وئي، جتان هن مانچسٽر يونيورسٽيءَ مان بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪئي.

بنيادي پيشو سنواريو

حنا رباني سياست ۾ اچڻ کان پهرين هوٽل مئنيجمنٽ سان لاڳاپيل رهي، هن وقت به لاهور ۾ سندس ريسٽورينٽ آهي.

سياسي سفر سنواريو

2002ع ۾ مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي چونڊجي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿي. 2003ع کان 2007ع تائين مملڪتي وزير رهي. 2008ع وارين چونڊن کان اڳ هيءَ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي، پنهنجي اباڻي تڪ مظفر ڳڙهه تان پ.پ.پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ لاءِ ٻيهر ميمبر چونڊجي آئي. ورلڊ اڪنامڪ فورم طرفان کيس عالمي سطح تي نوجوان عورت اڳواڻن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو. ملڪ جي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلانيءَ جي معاشي معاملن بابت خاص صلاحڪار بڻي. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ 13 جون 2009ع تي حنا رباني کر سالياني بجيٽ پيش ڪئي، کيس ملڪ جي قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تقرير ڪندڙ پهرين عورت جو اعزاز حاصل آهي. حنا ربانيءَ کي فيبروري 2011ع ۾ڪجهه عرصو پاڪستان جي پرڏيهي مامرن بابت مملڪتي وزير طور ذميواري سونپي وئي، جڏهن ته کيس 18 جولاءِ 2011ع تي پرڏيهي معاملن جي وفاقي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو. هن مسلم دنيا جي پهرين خاتون پرڏيهي وزير جو اعزاز حاصل ڪيو.

اعزاز سنواريو

  • کيس ملڪ جي قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تقرير ڪندڙ پهرين عورت جو اعزاز حاصل آهي.[1]
  • هن مسلم دنيا جي پهرين خاتون پرڏيهي وزير جو اعزاز حاصل ڪيو.

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012