حديقه ڪيانيءَ جي 2016 ۾ نڪتل تصوير

حديقه ڪياني اردو جي مشهور پاپ ڳائڻي، شاعرا ۽ سماجي ڪارڪن، ڌيءَ خاور 11 آگسٽ 1974ع تي راولپنڊيءَ ۾ ڄائي.

فني سفر سنواريو

هن 1995ع کان ڳائڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهريون البم ’راز‘ انٽرنيشنل اوارڊ لاءِ چونڊيو ويو.. هيءَ ٽن سالن جي هئي ته سندس والد وفات ڪري ويو، سندس ماءُ هڪ مقامي اسڪول جي پرنسپال هئي. هن کي ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو. ماءُ سندس شوق کي ڏسي کيس پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ داخل ڪيو. سڀ کان اول هن ’لياقت ميموريل پنڊي هال‘ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

شهرت سنواريو

حديقه ڪياني پهرين پي. ٽي. وي تي ٻارن جي پروگرام ’آنگن آنگن تاري‘ جي ميزباني ڪئي. هن ٻارن لاءِ ڪيترائي گانا ڳايا. هن 1999ع ۾ فلم ’سرگم‘ جي لاءِ گانا ڳايا. 1994ع ۾ فلم ’سرگم‘ تي کيس اوارڊ مليو، 1995ع ۾ ’اين. ٽي. ايم ويورز چوائس اوارڊ‘ ۾ بهترين پاڪستاني گلوڪاره جو اوارڊ حـاصـل ڪيـائين. 1996ع ۾ هـن جـو الـبـم ’راز‘ رلـيـز ٿيو، جـنهـن جـون لاتـعـداد ڪـئسـٽون وڪـرو ٿيـون. 1997ع ۾ فرسٽ ايشين گلوڪارا ’Brithish National Lottory‘ جي سري سان ٿيل پروگرام جي موقعي تي لائيو ڳايائين. 1999ع ۾ هن جو ٻيو البم ’روشني‘ رليز ٿيو. 2000ع ۾کيس پي. ٽي. وي ورلڊ پاران اوارڊ مليو. 2001ع ۽ 2005ع ۾ هن بهترين پوپ گلوڪاره جو’انڊس ميوزڪ‘اوارڊ حاصل ڪيو. 2007ع ۾ هن جو انگريزي البم ’Rough Cut‘ رليز ٿيو. هيءَ ڪئناڊا، برطانيا، مشرق واسطيٰ، آسٽريليا، ناروي، بلغاريه ۽ ترڪي ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. حديقه ڪياني هن وقت لاهور ۾ رهي ٿي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012