جوئر

کاڌي جي فصل طور پوکيل گاھ جو قسم

جوئر انگريزي (Sorghum vulgare) ھڪ قَسم جو ان وارو فصل آھي جيڪو قديم زماني کان سنڌ ۾ پوکبو اچي ٿو. هاڻ جوئر جو فصل اڪثر ڪري باراني علائقن ۾ پوکجي ٿو. ان جو ٻوٽو وڏو به ته ننڍو به ٿيندو آهي. جوئر جي به ڪڻڪ وانگر ماني پچائي کاڌي ويندي آهي. جوئر جو داڻو رنگ ۾ اڇو، ڳاڙهو ۽ ٻين رنگن جو ٿئي ٿو. جوئر جي قسمن ۾ ڪانگڙ، تُري وغيره شامل آهن. [1].[2]

جوئر جو ڪچو فصل
جوئر جو پڪو فصل
جوئر جو سنگ

طبي فائدا سنواريو

 
جوئر جي سڱ جا رنگ

طب مطابق جوئر جو اثر معتدل ھوندو آھي. ان جي سنگ جو رنگ اڇو ۽ ڳاڙهو ھوندو آھي ۽ ان جا داڻا گول ھوندا آھن جوئر جي اٽي جي ماني گهاٽي بلغم کي وڃائي ٿي، رت ۽ صفرا جي جوش کي گهٽائي ٿي، سلھ جي رت کي بند ڪري ٿي، غليظ وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي، تپ، صفراوي دستن لاءِ فائديمند آهي. هن جي لپري سخت ڳوڙهن کي ڦاڙي ٿي. هن جو ڀت رڌجي ان ۾ وڏف وجهجي، انهي ڀت کائڻ سان زالن جي ٿڇ ۾ واڌارو ٿيندو.[3]

 
جوئر جو ان ڳاھ کان پوء گڏ ڪيل

حوالا سنواريو

  1. "ڳاڙهي جوئر | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-08-04. 
  2. "جوئر، ٻاجهري | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-08-04. 
  3. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.