جهنڊو

مخصوص نشانن سان ڪپڙي جو ٽڪڙو

جهنڊو يا پرچم اصل ۾ رنگين ڪپڙي جو ٽڪر هوندو آهي جنهن تي ڪوئي خاص نقشو يا خاڪو ٺهيل هوندو آهي ۽ ان کي ڪنهن لڪڙي تي لڳايو ويندو آهي.

دُنيا جو نقشو جيڪو سڄا قومي جھنڊا ڏيکاري رھيو آھي

تاريخ ۾ جهنڊي جو استعمال 2000 سال اڳ ٿيو.

جهنڊي جا ڪيترائي قسم ٿي سگهن ٿا، جيئن:

قومي جهنڊو، ڪنهن ملڪ يا قوم جي علامت. اشارتي جهنڊو، هڪ سامونڊي جهاز يا خشڪي تي ماڻهن کي پيغام پهچائڻ جي لاء استعمال ٿيندو آهي. جهنڊي کي ڪاروبار، مدرسي، سياسي جماعت يا ٻيون تنظيمون به علامت جي لاء استعمال ڪنديون آهن.