جنطيانہ (عربي: دواء) ڪي مصنف هن جو هندي نالو پکان بيد لکن ٿا، مگر جنطيانا ۽ پکان بيد ۾ ڏينهن رات جو سنڌو ٿئي ٿو. هن جو رنگ ڳاڙهي چٽ تي، ذائقو پھريان مٺو ۽ پوءِ ڪڙو ٿئي ٿو.

طب سنواريو

مزاج: ٽئين درجي ۾ گرم خشڪ
مقدار خوراڪ: هڪ کان ٻن ماسن تائين
خاصيت: معدي کي طاقت ڏيندڙ، ريح وڃائيندڙ ۽ زهرن جو ترياق آهي. حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو. هن کي گهڻو ڪري معدي ۽ مثاني جي ڪمزوريءَ ۽ پيٽ جي سور لاءِ سفوف جي صورت ۾ ڏنو ويندو آهي. ايلوپيٿي ۾ هن جو ٽنچرايڪسٽريڪٽ وغيره تيار ڪيا وڃن ٿا. زهرن لاءِ ترياقي اثر رکڻ سبب ترياق اربعہ ۽ ترياق ثانيہ جو هڪ جزو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.