جبوتي سرڪاري نالو جمهوريه جبوتي هڪ ملڪ آهي۔ جبوتي اوڀر آفريڪا ۾ واقع هڪ ملڪ آهي، جنهن جون سرحدون اتر ۾ اريتريا سان، اولهه ۽ ڏکڻ ۾ ايٿوپيا سان، ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ صوماليه سان ملن ٿيون. ان کان علاوه احمر سمنڊ ۽ خليج عدن سان ملن ٿيون. صرف 23 هزار چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل هن ملڪ جي آبادي اٺ لکن کان ڪجهه وڌيڪ آهي. هن جي گادي جو هنڌ جبوتي (شهر) آهي. ملڪ جي آبادي جو پنجون حصو بين الاقوامي سطح تي غربت جي لڪير کان هيٺ يعني 1.25 ڊالر في ڏينهن کان گھٽ آمدني حاصل ڪري ٿو.

جبوتي جو جھنڊو

تاريخ سنواريو

جمهوريه جبوتي فرانس کان پنهنجي آزادي 27 جون 1977 تي حاصل ڪئي ـ سن 1977 کان پهرين جبوتي "فرانسيسي صومالي لينڊ" جو حصو هيوـ هتان جي خانه بدوش قبيلن شاعري ۽ ڪهاڻين ۾ هزارن سالن جي تاريخ وقف ڪئي آهي ـ ٻيٽ نمائي عرب جي ويجھائپ جي ڪري جبوتي ۾ اسلام باقي آفريڪا کان پهرين آيوـ

سياست سنواريو

دين سنواريو

جبوتي ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي (94 سيڪڙو) ـ هر مسلمان ملڪ جي طرح جبوتي جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ مسجد هوندي آهي ـ ان کان علاوه مزارن تي وڃن جي به روايت آهي ـ انهن ۾ سڀ کان مشهور شيخ ابو يزيد جي مزار آهي جيڪا گودا جي جبلن ۾ واقع آهي ـ

جبوتي جي سڀ کان وڏي اقليت عيسائيت جي پيروڪارن جي آهي ـ

انتظامي ورهاست سنواريو

جبوتي علائقا
علائقو رقبو (ڪلوميٽر2) آبادي گادي جو هنڌ
علي صبيح علائقو،

(Région d'Ali Sabieh)

2,200 75,005 علي صبيح
ارتا علائقو,

(Région d'Arta)

1,800 69,047 ارتا
دخیل علاقہ،

(Région de Dikhil)

7,200 80,023 دخيل
جبوتي علائقو،

(Ville de Djibouti)

200 604,013 جبوتي
اوبوڪ علائقو،

(Région d'Obock)

4,700 40,128 اوبوڪ
تاجوره علائقو،

(Région de Tadjourah)

7,100 79,567 تاجوره

آبهوا سنواريو

سڀ کان وڏا شهر سنواريو

جاگرافي سنواريو

فهرست لاڳاپيل مضمون جبوتي سنواريو

  • فهرست لاڳاپيل مضمون جبوتي