جاءِ وڻ: نالا: ع. ظيان، ف. ياسمين، هه. وغيره___ چنبيلي، روان ۽ جوهي. اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: غشيءَ کي پيدا ڪري، ميل: گل بنفشو، عيوض: اڇو گل، وزن: هڪ تولو. سڃاڻپ: هي وڻ عشق پيچ جي ول وانگيان پکڙندڙ ۽ گل ان جو اڇو خوشبودار ٿيندو آهي، هن جو گل دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو، جگر ۽ معدي کي تقويت ڏئي ٿو، وات کي خوشبودار ڪري ٿو، مني ۽ قوت باهه کي وڌائي ٿو. وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت، پيشاب جي گهڻائي، کنگهه، مٿي جو سور، ٻرهل، رحم جي رطوبت، مثاني ۽ جگر جي بيمارين ۾ مفيد آهي. نزلي کي خشڪ ڪري ٿو. گرميءَ کان مٿي ۾ سور پوي ته هن جا گل سنگهڻ گهرجن، پن ۽ پاڙ ڪاڙهي پيارجي ته اُلٽين کي روڪيندو، کنگهه دمڪشي کي فائدو ڪندو، چٽيءَ وار چري جي جاين تي مهٽجي ته داغ صفا ٿي ويندا.[1]،

Clematis tangutica.

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو