تِيمَور سمنڊ(انگريزي: Timor Sea ) ھڪ گھٽ اونھائي وارو سمنڊ آهي جيڪو تيمور ٻيٽ جي ڏکڻ، ارافورا سمنڊ جي اولھ ۽ آسٽريليا جي اتر ۾ واقع آهي. ھن سمنڊ سامونڊي ٽڪرين، غيرآباد ٻيٽن ۽ ھائڊرو ڪاربن ذخيرن سان سرشار آهي. ھائڊرو ڪاربن ذخيرن جي دريافت کان پوء ھن سمنڊ تي آسٽريليا ۽ اوڀر تيمور جي وچ ۾ بين الاقوامي تڪرار شروع ٿي ويو جن جي نتيجي ۾ ٻنھي ملڪنتيمور سمنڊ واري معاهدي تي صحيحون ڪيون.

تِيمَور سمنڊ

تيمور سمنڊ ۽ نظر ايندڙ اوڀر تيمور جي سرزمين
پاڻي جو قسم سمنڊ
سامونڊي طاس
  • انڊونيشيا
  • اوڀر تيمور
  • آسٽريليا
سطحي پکيڙ 610٬000 km2 (240٬000 sq mi)
سراسري اونھائي 406 m (1٬332 ft)
وڌ کان وڌ اونھائي 3٬200 m (10٬500 ft)
ٻيٽ ٽيوي ٻيٽَ،اشمور ۽ ڪارٽيئر ٻيٽ
کاھيون تيمور ٽرف
آباديون ڊارون
ھندي وڏي سمنڊ جي اوڀر ۾ واقع تيمور سمنڊ

جاگرافي سنواريو

ھن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ نديون آسٽريليا جي نادرن ٽريٽري ۽ ويسٽرن ٽيريٽري جي ڪمبرلي علائقي ۾ واقع آھن جن ۾ فش ندي ، ڪنگ ندي، ڊراء ندي، وڪٽوريا ندي، ايليگيٽر ندي، ڪمبرلَي ندي، اورڊ ندي، فاريسٽ ندي، پينٽيڪوسٽ ندي ۽ ڊيوريڪ ندي شامل آهن. ھي سمنڊ 480 ڪ م (300 ميل) ڪشادو آھي. ان جي پکيڙ 6,10,000 چورس ڪلوميٽر آهي. ان جو سڀ کان اونھو مقام تيمور ٽرف آهي جيڪا ھن سمنڊ جي اترئين پاسي واقع آهي جيڪا 3300 ميٽر (10,800 فٽ). باقي سمنڊ جو ٻيو سمورو حصو 200 ميٽر (660 فٽ) اونھو آهي. ھن سمنڊ ھيٺ کوڙ تيل ۽ گيس جا ذخيرا موجود آهن. تيل جي دريافت سڀ کان پهرين جون 1974ع ۾ ٿي

حوالا سنواريو