توت يا شهتوت هندستان ۾ عام آهي. هي ٻن قسمن جو ٿيندو آهي:. هڪڙو ڳوڙهو سائو يا ڪارو ۽ ٻيو اڇو. ٻئي مٺا ٿيندا آهن. هڪڙو ٽيون قسم به ٿيندو آهي، جو ننڍڙو ٿيندو آهي ۽ کٽمٺو ٿيندو آهي. هتي جا انهيءَ کي سنڌي توت چوندا آهن. توت مارچ ڌاري ڦر پچائيندو آهي. قلمن يا ڏندڻن هڻڻ سان پيدا ٿيندو آهي.[1]

Long mulberry

سچو پچو توت ولايتي ميوو آهي، جو اصل ايران جو آهي. هن ملڪ ۾ ان جي لاءِ گهڻائي مٿا هنيا اٿن پر چڱو نه ٿو ٿئي. وڻ وڏو ٿئي ٿو پر ڦر برابر نه ٿو جهلي. انگلينڊ ۾ به اهو چڱو ٿئي ٿو. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ڪشمير ۽ جلندر ۾ البت موچارو ٿئي ٿو. ان جي ميوي ۾ جا خوشبوءِ ۽ لذت ٿئي ٿي، سا هتي واري توت ۾ نه ٿي ٿئي.[1]

توت جي پنن تي ولايت ۾ پَٽ جا ڪينئان پاليندا آهن. توت کي انگريزيءَ ۾ مَلبيري چون ٿا.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو