تهمينا جنجوعا, هڪ پاڪستاني سفارت ڪار آهي جيڪا 6th آڪٽوبر 2015 تي گڏيل قومن جي جنيوا جي آفيس ۾ پاڪستان جي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندي جي طور تي ڪم ڪري ٿي، پاڪستان جي پهرئين پرڏيهي سيڪريٽري آهي، وفاقي حڪومت جنيوا مشن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي تهمينا جنجوعا کي اعزاز چوڌري جي جڳهه تي پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي سيڪريٽري طور مقرر ڪيل تهمينا جنجوعا اٽلي ۾ پاڪستان جي سفير ۽ پرڏيهي ترجمان پڻ رهي چڪي آهي، وزيراعظم نواز شريف پرڏيهي سيڪريٽري طور تهمينا جنجوعا جي مقرري جي منظوري ڏني.[1]

سيڪريٽري
تھمينہ جنجوعه
پرڏيھي سيڪريٽري
عهدو سنڀاليو
13 فيبروري 2017 – 16 اپريل 2019
وزير اعظم نواز شريف
شاھد خاقان عباسي
عمران خان
پيشرو اعزاز آحمد چوڌري
جانشين سھيل محمود
گڏيل قومن جي جينيوا واري آفيس ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندہ
دفتر سنڀاليو
6 آڪٽوبر 2015
پيشرو ضمير اڪرم
پاڪستان جي اٽلي، البانيا، سان مورينو ۽ سلووينيا م سفير
عهدو سنڀاليو
2013–2015
پرڏيھي سيڪريٽري جي آفيس ۾ پرڏيھي معاملن جي وزارت جي سرڪاري ترجمان
عهدو سنڀاليو
2011–2013
ذاتي تفصيل
مادر علمي قائداعظم يونيورسٽي
ڪولمبيا يونيورسٽي (MIA)

جنجوعہ، ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ عالمي معاملن ۽ قائدا عظم يونيورسٽي ۾ فرانسيسي مطالعو ڪرڻ کان پوءِ 1984ع ۾ پاڪستان جي فارن سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي. هِن 2004 ۽ 2005 جي وچ ۾ پرڏيهي سيڪريٽري جي دفتر جي ڊائريڪٽر جي طور تي خدمتون ڏيڻ کان پهرئين نيو يارڪ ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مشن ۾ خدمتون انجام ڏنيون. هن پرڏيهي سيڪريٽري جي آفيس ۾ اسٽريٽیجڪ پلاننگ جي ڊائريڪٽر جنرل جي طور تي خدمتون انجام ڏنيون ۽ 2011ع ۾ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جي وزارت (وزارت خارجہ) جي ترجمان بڻجي وئي. هِن ڊسمبر 2011ع ۽ آڪٽوبر 2015 جي وچ ۾ اٽلي ۾ پاڪستان جي سفير جي طور تي خدمتون انجام ڏنيون.

حوالا سنواريو