ديباچو، پيش لفظ، يا ارپنا سان ڀل نہ کائو.

تمهيد (انگريزي: Preamble)، ڪنهن دستاويز جي شروعاتي لفظن کي چيو ويندو آهي جنهن ۾ ان دستاويز جي مقصد ۽ فلسفي کي بيان ڪيو ويو هجي. قانوني دستاويزن جي ابتدا ۾ ان جي تاريخي حوالن ۽ عنوان جي تت کي بيان ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ڳالهه ٻولهه دوران زير بحث آيل عنوان جي شروعات ۾ ان جي ماخذ يا فلسفي کي بيان ڪيو وڃي ته ان کي تمهيد ٻڌڻ چئبو آهي.

آمريڪي چارٽر جو تمهيد

رابرٽ جي رولز آف آرڊر جي مطابق، پارلياماني ڪاروائي ۾ جن شقن جي لاءِ قرارداد پيش ڪيو وڃي تمهيد ۾ انهن شقن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي،[1] پر جڏهن صرف ائين ئي ڪا قرارداد پيش ڪرڻ هجي اتي تمهيد جي ضرورت ناهي، جيڪڏهن تمهيد ذريعي قرارداد جي پسمنظر بابت لکيو وڃِ ته ممڪن آهي ته قرارداد پاس نه ٿي.[1]

وڌيڪ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو