تماشائي __(Spectator):

فٽبال راند جا تماشائيراند ڏسندي
ڪرڪيٽ جا تماشائي سڊني۾ راند ڏسندي

’تماشائي‘ جي لفظي معنيٰ آهي ڏسندڙ. ڊرامي جو اصل مقام اسٽيج آھي ۽ اسٽيج تماشائين کان سواءِ ڪجهه بہ نہ آھي. ڊراما ھميشہ تماشائين جي سوچ، فڪر ۽ پسند مطابق لکيا ۽ اسٽيج ڪيا ويندا اھن. تماشائي ھميشہ ھڪ جھڙا نہ ٿيندا اھن. اھي پنھنجي پنھنجي خيالن، جذبن، سيرت ۽ سوچ ۾ مختلف ھوندا آھن. اھڙيءَ ريت شھري تماشائي ڳوٺ وارن تماشائين کان مختلف ھوندا اھن. تماشائي/ ڏسندڙ ھميشہ مختلف ھوندا اھن. اُهي پنھنجي جذبات، سيرت ۽ خواھش ۾ بہ مختلف ھوندا آھن. ڪڏھن ڪو مزاحيہ ڊائلاگ ڪنھن کي کلائي کيرو ڪري وجھندو اھي تہ ڪڏھن ڪنھن کي مسڪرائي بہ نہ سگھندو اھي. ڪڏھن اھو ساڳيو مڪالمو ڪنھن کي سخت ناگوار لڳندو اھي. ان حساب سان ڊراما ھميشہ ڏسندڙن جي پسند موجب پيش ڪيا ويندا آهن. اھو تماشائي ئي آهن، جن جي ڪريٿئيٽر آباد رھن ٿا.[1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي