تاج صحرائي انگريزي ٻولي (Taj Sahrai) (پيدائش:11 سيپٽمبر 1921ع-وفات: 28 آڪٽوبر 2002ع)[1] سنڌ، پاڪستان جو مشهور محقق، مؤرخ ۽ اديب هو. هن تاريخ، قديم آثارن ۽ ادب بابت سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا. کيس ادبي خدمتن عيوض حُڪومت پاڪستان پرائيڊ آف پرفارمنس جي تمغي جو اعزاز بخشيو.[2]

تاج صحرائي
Taj Sahrai

تاج صحرائي
پيدائش تاج محمد ميمڻ
سيپٽمبر 11 1921(1921-09-11)

شڪارپور، شڪارپور ضلعو، سنڌ، برطانوي هندستان
وفات 28 آڪٽوبر 2002 (عمر 81 سال)

دادو
قلمي نالو تاج صحرائي
ڌنڌو استاد ، محقق، مورخ
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم اي بي ٽي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
صنف مضمون ، مقالا
موضوع تاريخ
مُکيه ڪم سنڌُو تهذيب
The Lake Manchar
ايوارڊ بهترين ليکڪ، تمغه حسن ڪارڪردگي، 1991ع

زندگي ۽ تعليم سنواريو

تاج صحرائي جو پورو نالو تاج محمد ولد نور محمد ميمڻ هو. هيءُ 11 سيپٽمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن پرائيمري تعليم شڪارپور شهر ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ تاج صحرائي جي خاندان دادو شهر رهائش اختيار ڪئي. هن بي.اي ۽ بي.ٽي جي تعليم حاصل ڪئي. 1952ع ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو ۽ 1968ع ۾ دادو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي لئبرري جي بنياد وجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. طالب المولى هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر طور رٽائر ٿيو. تاج صحرائي شهباز ميلا ڪاميٽي ضلع دادو جو آخري دم تائين ڪنوينر رهيو. هن دادوءَ ۾ تعليم ۽ علم کي فروغ ڏيڻ لاءِ دادو ۾ ڪتاب گهر کوليو. هن لکڻ جي شروعات 1940ع کان ڪئي. سندس انگريزي توڙي سنڌي ۾ ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب شيع ٿيل آهن. تاج صحرائي جا مضمون درسي ڪتابن ۾ پڻ شامل آهن. کيس مڃتا طور حُڪوتت پاڪستان 1991ع ۾ پرائيڊآف پرفارمنس جو ايوارڊ ڏنو[2].

ڪتاب سنواريو

سندس ڪجهه ڪتابن جا نالا هيءُ آهن:

1، تصور درد 1946ع

2، سُر سارنگ جو مطالعو 1956ع

3، سنڌو تهذيب 1989ع

4،پَڻِي لوڪ 1996ع

5، گورک چوٽي 1996ع

6، ليڪ منڇر، سنڌي ادبي بورڊ، 1997ع[3]

7، نيڻن ننڊ اگُهور 2002ع

وفات سنواريو

تاج صحرائي 28 آڪٽبر 2002ع ۾ دادو ۾ وفات ڪئي.

حوالا سنواريو