تاجڪستان (Tajikistan) ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه تاجڪستان (Republic of Tajikistan) آهي. تاجڪستان جي لفظي معنيٰ آهي ”تاجڪ ماڻهن جو وطن“ هي ملڪ وچ ايشيا ۾ آهي. تاجڪستان زميني ۽ جابلو ملڪ، پامير جبلن ۾ گهيريل آهي. هن جو 93 سيڪڙو علائقو سرسبز ۽ شاداب ٽڪرين تي ٻڌل آهي. وچ ايشيا جي سڀ کان ڊگهي جابلو چوٽي هتي آهي. هي وچ ايشيا جو ننڍي ۾ ننڍو ملڪ آهي، ملڪ جي پکيڙ 143100 چورس ڪلوميٽر (55200 چورس ميل) ۽ آبادي 61 لک 94 هزار آهي. هن جي گاديءَ جو هنڌ دُسني (Dushambe) آهي ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ ڪميونزما جي چوٽي (بلندي: 7495 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي تاجڪ (روسي) آهي، هتي سردين ۾ سخت سردي ۽ گرميءَ ۾ سخت گرمي پوي ٿي. برساتون گهٽ پونديون آهن. هتان جي مکيه زرعي پيداوار ڪپهه، ڪڻڪ، ڀاڄيون، پٽاٽا، جو، ميوا، گدرو، هنداڻو ۽ خشڪ ميوو آهي ۽ مکيه صنعتن ۾ ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙا، ڀاڻ، بوٽ، وائن، قالين، هائيڊرو، اليڪٽرڪ پاور، مڪينيڪل انجنيئرنگ ۽ زرعي مشينري آهي. تاجڪستان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 9 سيپٽمبر 1991ع آهي ۽ هن ملڪ جي گڏيل قومن جي اداري (UNO) ۾ ميمبرشپ 2 مارچ 1992ع کان آهي.

تاجڪستان جو جھنڊو
تاجڪستان جو نقشو