تاثريت جي تحريڪ (Impressionism) 1863ع ۾”مو“ نالي هڪ مصور پنهنجي هڪ تصوير ٺاهي”تاثرات“ ذريعي هيءَ تحريڪ شروع ڪئي. تاثريت جي ادبي آغاز جي سراغ لڳائڻ لاءِ پهريائين فرانسيسي ناول نگارن ”زولا“ (1940-1902ع) ۽ ”فلوبيرٽ“ (1821-1880ع) جي تحريرن ڏانهن رجوع ڪيو ويندو هو، جن جي حقيقت نگاريءَ جي خلاف هڪ چڱو چوکو رد عمل شروع ٿي چڪو هو. پر اڳتي هلي ادبي تاثريت پنهنجي هڪ جداگانہ حيثيت قائم ڪري ورتي. [1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.