بگٽي (انگريزي: Bugti)بلوچن جي ھڪڙي قوم آھي، جا سرحد سنڌ جي ويجھو بلوچستان جي جبلن ۾ ٿي رھي. انھيءَ جون گھڻيون شاخون آھن، جيئن ته مُندراڻي، مشوري، چاڪراڻي، جسڪاڻي وغيره. ھنن جو سردار ديري بيرڪ ۾ ٿو رھي. جنت السنڌ مطابق مغلن جي دؤر ۾ اُتر سنڌ جي ٽڪرين ۾ ديرو بگٽي رياست قائم ڪيائون. 1845ع تائين اپر سنڌ ۾ ڦريون ڪندا رهيا[1][2]. سر چارلس نيپئر بگٽين کي سنڌ جا پنڊاري سڏيندو هو.[2]

بگٽي (بلوچ)
ٻوليون

بلوچي، سنڌي

مذھبَ

اسلام

حوالا سنواريو

  1. [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي