بيت المقدس هيءُ شهر اسرائيل ۽ اردن جي سرحد تي تل ابيب جي ڏکڻ اڀرندي ۾، يهوديه جي پهاڙي ۽ پٿريلي لاهه تي واقع آهي. 1950ع ۾ هن جديد شهر کي اسرائيل جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو. قديم شهر اردن جي علائقي ۾ شامل رهيو. بيت المقدس يهودين ۽ عيسائين جو مقدس شهر ۽ مسلمانن جو قبله اول ۽ اهم زيارتگاهه آهي. يهودين ۽ مسيحين جي مذهبي ڪتاب ۾ ان کي ”صيهون“ چيو ويو آهي. هيءُ شهر خدا جي نشاني آهي. ٽنهي مذهبن جا سڀ مقدس قديم ماڳ، هن شهر ۾ آهن. مسلمان حرم شريف جي زيارت ڪن ٿا، جيڪو احاطو آهي. انهيءَ ۾ قبة الصخرا ۽ مسجد اقصيٰ واقع آهن. چيو وڃي ٿو ته حرم شريف جي مشرقي ديوار جو هيٺيون حصو ”هيڪل سليمانيءَ“ جو آهي. اتي ئي ديوار گريه آهي، جيڪا يهودين جي لاءِ مقدس آهي. اُهي انهيءَ ديوار وٽ اچي، هيڪل کي ياد ڪري روئندا آهن. مسيحين جي خيال ۾ ڪنيسة القيام مقدس آهي، جيڪا روايت جي مطابق ”کوپري“ نالي پهاڙي واقع آهي. اها ئي پهاڙي هئي، جنهن تي مسيحي عقيدي موجب، حضرت عيسيٰ عليه السلام کي صليب تي چاڙهيو ويو هو.[5]

يروشلم
بيت المقدس
مٿان کان کاٻي پاسي: سينٽ الياس وٽان يروشلم جو فضائي منظر ؛ پراڻو شھر؛ ماميلا مارٽ؛ ڪنيسيٽ؛ پٿر جو قبو؛ دائود جو منارو ۽ پراڻي شھر جي ڀت؛ ۽ اولھ واري ڀت.
مٿان کان کاٻي پاسي: سينٽ الياس وٽان يروشلم جو فضائي منظر ؛ پراڻو شھر؛ ماميلا مارٽ؛ ڪنيسيٽ؛ پٿر جو قبو؛ دائود جو منارو ۽ پراڻي شھر جي ڀت؛ ۽ اولھ واري ڀت.
Flag of Jerusalem
جھنڊو
Emblem of Jerusalem
قومي نشان
عرفيت: بيت المقدس[1] (The Holy City/House)
Location of Jerusalem
Location of Jerusalem
يروشلم
بيت المقدس جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 31°47′N 35°13′E / 31.783°N 35.217°E / 31.783; 35.217مڪانيت: 31°47′N 35°13′E / 31.783°N 35.217°E / 31.783; 35.217
انتظامي نگراني  اسرائيل
دعويدار اسرائيل ۽ فلسطين[vii]
ضلعو يروشلم ضلعو
گورنري يروشلم گورنري
گھون اسپرنگ وسندي 4500 ق م
دائود جو شھر 1010 ق م
يروشلم جي ديوار 1541
بيت المقدس جي اوڀر ۽ اولھ ۾ ورھاست 1948 جولاءِ 18
شھر جو انضمام 1967 جون 7
بيت المقدس جو قانون 1980 July 30
حڪومت
 • قسم ميئر ڪائونسل
 • مجلس بيت المقدس جي ميونسپلٽي
 • اسرائيلي ميئر نير برڪات
 • اوڀر بيت المقدس جو فلسطيني ميئر زڪي الغل
پکيڙ
 • شھر 125,156 دونمs (125.156 ڪ.م2 or 48.323 ميل2)
 • ميٽرو 652,000 dunams (652 ڪ.م2 or 252 ميل2)
بلندي 754 ميل (2,474 ft)
آبادي
 • شھر 901,302[2]
سرڪاري نالو يروشلم ۽ شھر جي پراڻي ڀت
قسم ثقافتي
معيار ii, iii, vi
عهدو 1981
حوالا نمبر. 148
علائقو يروشلم ضلعو
خطري ۾ 1982–p کان ھاڻي تائين

جاگرافي سنواريو

قديم شهر کي چوديواري آهي، جيڪا سلطان سليمان اول (1542ع ۾) اڏائي هئي. ان جي مشرق ۾ قدروان واديءَ آهي، جنهن جي پار گشمنيءَ جو باغ، ڪوهه زيتون آهي. جديد شهر (مغرب) سياسي ۽ اقتصادي مرڪز آهي. ان ۾ سرڪاري جايون، اسڪول، فلسطين جي آثار قديمه جو عجائب گهر، خانقاهه ۽ يهودين جون عبادتگاهون آهن. بيت المقدس ۾ ”عهدنامه قديم ۽ جديد“، ٻنهي ۾ بيان ڪيل ماڳن ۽ واقعن جا آثار وڏي تعداد ۾ موجود آهن. هيءُ شهر گهٽ ۾ گهٽ 15 صديون قبل مسيح کان آباد آهي. ممڪن آهي ته اهو بيت المقدس (يروشلم) هجي. حضرت دائود عه ان کي يبوسين کان وٺي پنهنجو دارالحڪومت بنايو. حضرت سليمان معبد تعمير ڪرائي، ان کي شان شوڪت بخشيو هو. هتي يهودا جي بادشاهن زوال پذير طاقت قائم رکڻ لاءِ لاحاصل ڪوششون ڪيون. عظيم عبراني پيغمبرن جي وڏي تعداد هن شهر جي گهٽين ۾ وعظ ڪيا. 586 ق. م ۾ بابُلَ هن تي قبضو ڪيو. عزارا ۽ نحمياه، جلاوطنيءَ کان پوءِ، هن کي ٻيهر تعمير ڪرايو. هيءُ مڪابين ۽ خاندان هيروديس جو مرڪز رهيو. قديم رومي بادشاهه بيت المقدس جا دشمن هئا. مسلمانن جو عقيدو آهي ته نبي سڳورو حضرت محمد صلي الله عليه وسلم بيت المقدس ۾ تشريف فرما ٿيو هو. 637ع ۾ هيءُ شهر مسلمانن جي ملڪيت ۾ شامل ٿيو. 1099ع ۾ ٻيهر مسيحي بيت المقدس تي قابض ٿي ويا. 1187ع ۾ سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جي قيادت ۾ مسلمانن وري هن شهر کي فتح ڪيو. اهڙيءَ طرح پهرين عالمي جنگ تائين مسلمانن جي قبضي ۾ رهيو. عالمي جنگ دوران فلسطين انگريزن جي قبضي ۾ رهيو. جون 1967ع ۾ عربن (متحده عرب جمهوريه، اردن ۽ شام) ۽ اسرائيلين جي وچ ۾ جيڪا جنگ لڳي، تنهن ۾ اسرائيلين بيت المقدس جي عربي علائقن تي قبضو ڪري ورتو. اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ فيصلو ڪيو ته اهو علائقو واپس ڪيو وڃي، ليڪن اسرائيلين ان تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.[5]

حوالا سنواريو

  1. "Baitul Muqaddas". Book Home. 
  2. "List of localities, in Alphabetical order" (PDF). Israel Central Bureau of Statistics. حاصل ڪيل August 26, 2018. 
  3. "LOCALITIES, POPULATION AND DENSITY PER SQ. KM., BY METROPOLITAN AREA(1) AND SELECTED LOCALITIES" (PDF). Israel Central Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 18 September 2016. 
  4. "Facts and Figures". jerusalem.muni.il. وقت 31 October 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  5. 5.0 5.1 "بيت المقدس". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ويب-سرزمين. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل نومبر 12، 2017.  Check date values in: |access-date= (مدد)