بلاغت (Rhetoric) عربيءَ جي لفظ ”بليغ“ سان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي، ”پورو، ڪامل، موقعي مطابق“. اصطلاحي معنيٰ موجب ”بلاغت شعر جي اُها خاصيت آهي، جنھن موجب، شعر ۾ موقعي مطابق موزون لفظن جي جڙاوت ٿيل هجي ۽ ان ۾ اهڙي تہ صفائي ۽ چٽائي هجي، جو پڙهندڙ جو ڌيان هڪدم اوڏانهن ڇڪجي وڃي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.