بسم الله خان

ڀارتي موسيقار

بسم الله خان
(اردو ۾: بسم اللہ خان خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 21 مارچ 1916 [1][2][3][4][5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 21 آگسٽ 2006 (90 سال)[1][3][4][5][6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
بنارس   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت برطانوي راڄ (–14 آگسٽ 1947)
ڀارت (26 جنوري 1950–)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي هندي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
ويب سائٽ
ويب سائٽ باضابطہ ویب سائٹ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو official website (P856) وڪي ڊيٽا تي
IMDB تي صفحو[7]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

استاد -بسم الله- خان (شرناءِ نواز ): سال 2006ع جي -آگسٽ- مهيني جي 21 -تاريخ- سومر ڏينهن -بسم الله- خان'>-استاد -بسم الله- خان- جي وڇوڙي جي خبر وڏي ڏک ۽ -ارمان- سان -ٻڌي- ويئي. -بسم الله- خان'>-استاد -بسم الله- خان- يا بابا -بسم الله- خان، جو نالو سڄي دنيا، خصوصاً هندستان -پاڪستان- ۾ وڏي ادب ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي. کيس سنگيت جي دنيا ۾ -تاج- دار واري حيثيت حاصل هئي. بابا -بسم الله- خان کان اڳ ۾ شرناءِ، شادين مرادين ۽ مذهبي رسمن جي موقعي تي وڄائي ويندي هئي. ڪريم جي ڪرم ۽ رات ڏينهن جي رياضت سان -بسم الله- خان شرناءِ کي مڪمل ڪلاسيڪل ساز جي حيثيت ڏياري. سندس شرناءِ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، تاثير جو هڪ جادو هو، جيڪو ٻڌندڙن تي ڇانئجي ويندو هو. ڇا راڳ، ڇا -ٺمري-، جيڪو ڪجهه سندس شرناءِ مان سريلن سرن ذريعي نڪتو، امر ٿي ويو. عطرِ حنا ۽ مشڪِ عنبر جي خوشبوءِ کي پسند ڪرڻ وارو -بسم الله- خان'>-استاد -بسم الله- خان- 1916ع ۾ ڄائو. شرناءِ ۾ سندس -استاد- سندس ئي مامو علي بخش هو، سندس وڏا -بهار- جي هڪ رياست ڊمراؤ ۾ درٻاري فنڪار هئا. هن جي ماءُ ننڍپڻ ۾ گذاري ويئي ۽ سندس پرورش -بنارس- ۾ ماماڻن ۾ ٿي. سال 1930ع ۾ صرف 14 سالن جي عمر ۾ ڀريل پنڊال ۾ شرناءِ وڄائي، ماڻهن جا من موهي وڌائين. پنهنجي پهرين ئي پروگرام ۾ شرناءِ ائين وڄايائين، جو واپسيءَ مهل چانديءَ جو -تمغو- سندس سيني جي سونهن بڻيل هو. پوءِ ته تمغن ۽ اعزازن ملڻ جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو. هو هندستان جو ٽيون ڪلاسيڪي فنڪار هو، جنهن کي 2001ع ۾ هندستان سرڪار اعليٰ -ترين- اعزاز ”ڀارت رتن“ سان نوازيو. -ان- کان اڳ کيس پدم ڀوشن عطا ٿيو. سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ ماڻيائين. مڌيه پرديش سرڪار کيس تانسين ايوارڊ ڏنو. وشو ڀارتي يونيورسٽيءَ، شانتي نڪيتن ڊاڪٽريٽ جي اعزازي سند ڏني. صرف 14 سالن جي عمر ۾ -استاد- جو لقب، پنڊت جواهر لال نهرو کيس -الله- -آباد- ۾ هڪ محفل ۾ عطا ڪيو. پاڻ سڌو سنئون درويش صفت -انسان- هو. ايترو نامور هجڻ باوجود پنهنجي شهر بنا رس ۾ ڪڏهن ڪنهن هوٽل جي اڳيان پياليءَ ۾ چانهه پيئندي نظر ايندو هو ته ڪڏهن ڪنهن دوڪان جي صندل تي ويهي دوستن سان ڪچهري ڪندي ڏسڻ ۾ ايندو هو. سندس سواري -سائيڪل- رڪشا هوندي هئي. استاد -بسم الله- خان جڏهن اڪيلي سر شرناءِ وڄائيندو هو ته به واه واه هوندي هئي، پر جڏهن ڪنهن ٻئي ساز جي جگل بنديءَ ۾ شرناءِ وڄائيندو هو ته پوءِ سبحان -الله- هوندي هئي. ولايت خان سان ستار، امجد علي خان سان سرود ۽ V.G. Jag سان وائلن جي جگل بنديءَ ۾ وڄايل سندس شرناءِ يادگار جي حيثيت رکي ٿي. استاد جي شرناءِ مان نڪتل سر هر ڪنهن کي روئاري ڇڏيندا هئا، پر جڏه هي فقير فنڪار محرم مهيني جي اٺين -تاريخ-، ماتامن جي جلوس گذرڻ وقت، ڪارو ڪڙتو -پائي-، مٿي اگهاڙو، پيرين اگهاڙو رستي جي ڪنڊ ۾ اڀ پيرو بيهي شرناءِ وڄائيندو هو. ماتامي ياحسين هائي حسين جي وائي ڪندا هئا، -استاد- جي شرناءِ -اوسر- وارا آلاپ ڪري روئندي هئي. -استاد- جي اکين مان ڳوڙها -ٽم ٽم- ڪري نڪرندا هئا. نه -استاد- رهيو نه -استاد- جي شرناءِ رهي، رهي نانءُ ڌڻيءَ جو. -استاد- هن دنيا ۾ آيو به 21 -تاريخ- ۽ ويو به 21 -تاريخ-، اهو عجيب اتفاق آهي.[8]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  2. Encyclopædia Britannica — مصنف: Andrew Bell — باب: Bismillah Khan — ناشر: Encyclopædia Britannica Inc.
  3. 3.0 3.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w64k0sh5 — subject named as: Bismillah Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  4. 4.0 4.1 Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/15449254 — subject named as: Bismillah Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  5. 5.0 5.1 subject named as: Bismillah Khan — Filmportal ID: https://www.filmportal.de/23ed68e5148d488c894578a10cec4056 — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  6. South Asia — ناشر: بي بي سي — شائع شدہ از: 21 آگسٽ 2006
  7. MusicBrainz artist ID: https://musicbrainz.org/artist/5ef6fb81-7e5c-43df-86bb-822775300532 — اخذ شدہ بتاریخ: 4 آڪٽوبر 2021 — ناشر: MetaBrainz Foundation
  8. استاد بسم الله خان : (Sindhianaسنڌيانا)