برڊ فلو، انفلوئنزا جي هڪ شڪل آهي. هي بيماري بنيادي طور تي پکين ۾ هوندي آهي. سڄي دنيا جا پکي ان بيماري واري وائرس کي پنهنجي آنڊن ۾ کڻي گهمندا آهن. گهڻو ڪري اهي پکي ان وائرس جي موجودگي يا برڊ فلو جي بيماري کان متاثر نٿا ٿين. برڊ فلو جو وائرس H5N1 جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي حقيقت آهي ته H5N1، جيڪو انفلوائر جي وائرسن جي هڪ جنس ”انفلوائنزا A“ جي سوين قسمن مان هڪ آهي. هي جيوڙو گهڻن ئي قسمن ۾ ملي ٿو. جيڪي هڪ ٻئي کان معمولي فرق رکن ٿا. هن وقت جنهن وائرس جو چرچو آهي. اهو H5N1 جي شڪل HPAI آهي، جنهن جو پورو نالو HPAI A (H5N1) آهي. (HPAI کان مراد Highly Pathogenic Avian Influenza آهي.) جڏهن برڊ فلو جو هي وائرس جهنگلي پکين مان پالتو پکين ۾ منتقل ٿيندو آهي، تڏهن هي وائرس پالتو پکين لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي. انفلوئنزا ٻن قسمن جو هوندو آهي.[1]

اثر سنواريو

هڪ هلڪو انفلوئنزا، جنهن جي موجودگي جي عام طور تي خبر ئي ڪا نه پوندي آهي ۽ هن سان پکين جي صحت تمام گهٽ متاثر ٿيندي آهي. انفلوئنزا جو ٻيو قسم شديد نوعيت جو هوندو آهي. برڊ فلو جو حملو اگر شديد نوعيت جو هجي ته هي پکين لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ هوندو آهي. هي وائرس پکين جي ٽولن ۾ تمام تيزي سان پکڙبو آهي. ان قسم جي بيماري کان متاثر ٿيڻ وارا اڪثر پکي 48 ڪلاڪن ۾ مري ويندا آهن. هي بيماري پکين جي منهن ۽ نڪ مان وهندڙ پاڻيءَ جي ذريعي ٻين پکين تائين پکڙبي آهي. جيئن ته پولٽري سان وابسته ڪارڪنن جو انهن شين سان سڌو سنئون واسطو آهي، تنهنڪري انهن کي برڊ فلو کان متاثر ٿيڻ جو خطرو رهندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.

سانچو:Influenza سانچو:Viral diseases سانچو:Chicken