براق

اسلامي روايت ۾ خيالي گھوڙو

بُراقُ اها سواري، جنهن جي ذريعي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن معراج رات، يروشلم (بيت المقدس) کان آسمان تي پهتا.[1]

بڻڀياس سنواريو

ٻوليءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ’براق‘ اصل ۾ ’برق‘ مان ڦٽل لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي بجلي، يعني ’بجلي جهڙو تيز رفتار‘ ٻين لفظن ۾ رنگ ۽ چمڪ ۾ سفيد، بي عيب ۽ تيز رفتاريءَ جي ڪري هن کي ”براق“ چيو ويو آهي.[1]

تفصيل سنواريو

علامه طبريءَ ڪلام پاڪ جي تفسير ۾ ”اسريٰ“ جي باري ۾ گهڻيون ئي حديثون نقل ڪيون آهن. انهن مان هڪڙيءَ حديث ۾ حضور پاڪ جن جي سواريءَ جو جانور فقط هڪڙو گهوڙو بيان ڪيل آهي، تنهن هوندي به اوائلي دور جي اڪثر حديثن ۾ هن کي ”البراق“ چيو ويو آهي ۽ ان جي وصف ۾ چيو ويو آهي ته اهو خچر ۽ گڏهه جهڙو درمياني قد بت جو هڪڙو جانور هو. بعضي وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو ويو ته اُن جو رنگ اڇو هو. گڏهه يا خچر کان ڊگهو هو. هو زين ۽ لغام سان سينگاريل هو. تفسيرن ۾ ائين به لکيل آهي ته براق جي ٽنگن ۾ پَرَ لڳل هئا، جن جي ذريعي تيزيءَ سان هلندو هو. قديم زماني ۾ ’اسريٰ‘ ۽ ’معراج‘ ٻنهي جي باري ۾ روايتون اهڙيءَ طرح گڏجي ويون، جو انهن جو اثر ”البراق“ تي به پيو ۽ ”اڏامندڙ گهوڙي“ وارو تصور بڻجي ويو.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.