برادري (فارسي برادر: ’’ڀاء‘‘؛ انگريزي: fraternity) مان مراد ڪو ڀائي چارو (brotherhood) آهي، پر هي اِصطلاح ڪنهن عام تنظيم ۽ خفيه سماج (secret society) جي طرف به اِشارو ڪندي آهي.

تفصيل سنواريو

ڀائيچاري، عزازت، هڪ ڪُڙم. هيءُ اصطلاح وسيع معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي، جنهن ۾ عزازت ۽ مٽي مائٽي به شامل آهي، پر ساڳيءَ ذات وارن يعني شريڪن جي لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. شريڪ اُهي، جن سان رت جو رشتو ڳنڍيل نه هجي، فقط ذات ڀائي هجن. اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ، جن سان مرڻي پرڻي جي سڏ صلح وارو وهنوار هجي، اهي به برادريءَ ۾ اچي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح ساڳئي ڳوٺ ۾ رهندڙ به برادريءَ جا شريڪ آهن. ساڳئي پورهيي يا ڌنڌي وارا به برادريءَ ۾ لکيا ويندا آهن، مثلاً لوهار، لوهار جي سڏ تي وڃي، ڪنڀار ڪنڀار جي تڏي تي وڃي وغيره. اڄڪلهه برادري لفظ، انگريزي لفظ ڪميونٽي (Community) جي معنيٰ ۾ به ڪم ايندو آهي، جهڙوڪ: ميمڻ برادري ۽ خواجه برادري وغيره.[1]

حوالا سنواريو

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.