توانائي حاصل ڪرڻ جو آسان ذريعو. چؤپائي مال جي ڇيڻي ۾ پاڻي ملائي، هوا -بند- کَڏَ ۾ ڍڪڻ سان -ان- ۾ گئس پيدا ٿيندي آهي، جنهن کي ”-بايو گئس-“ (Bio-gas) چئبو آهي. گرمين ۾ -پاڻي- ۽ ڇيڻي جو مقدار 1: 2 جي تناسب سان رکبو آهي ۽ سياري ۾ 1: 1 جي تناسب سان. صحيح گئس ٺهڻ جو مدو 1 کان 15 ڏينهن هوندو آهي. هن گئس ۾ بوءِ ڪانه ٿيندي آهي. ٻرڻ سان -ان- مان نيري رنگ جو شعلو نڪرندو آهي. -بايو گئس- جي -ترڪيب- سنڌ ۾ ٽنڊي ڄام جي زرعي ڪاليج ايجاد ڪئي. حڪومت ٻيلن جي -ٻارڻ- بچائڻ، سئي گئس ۽ گاسليٽ جي کاپي گهٽائڻ لاءِ -بايو گئس- جي -ترڪيب- جي همت افزائي ڪئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ قرض جي اسڪيم به منظور ڪئي، پر عام ماڻهن -ان- طرف جوڳو ڌيان نه ڏنو.[1]

حوالا سنواريو