بانس

وڻ جو ھڪ قسم
ھن مضمون ۾ مناسب زمرا وڌا وڃن. آگسٽ 2017ع

بانس هڪ قسم جو وڻ، جنهن جون ڪاٺيون ڊگهيون، پوريون ۽ ڳُريدار ٿين. هن وڻ جون ڪاٺيون اڏاوت ۽ ڪاغذ ٺاهڻ ۾ ڪم اينديون آهن. هيءُ گرم ۽ معتدل ملڪن ۾ سامونڊي ساحل کان وٺي جابلو علائقن ۾ پيدا ٿئي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن وڻ جي ڊيگهه 80 ميٽر ۽ ٿولهه هڪ فوٽ تائين ٿيندي آهي. بانس جي ڪاٺي مڙندڙ، مضبوط ۽ جهالو به آهي، ان جو رس ۽ پن دواسازيءَ جي ڪم ۾ ايندا آهن. بانس جا گهاٽا ٻيلا ٿيندا آهن. ڊگهي ۾ ڊگهو بانس 120 فوٽ اُوچو ٿئي ٿو. بانس مان گهر جوڙيا ويندا آهن ۽ فرنيچر ٺاهيو ويندو آهي. هن وقت سنڌ ۾ ڪافي هنڌن تي بانس جي تجرباتي طور پوک ٿئي ٿي. بانس بنگلاديش ۾ عام ٿئي ٿو.[1] هي گاهن ۾ داخل آهي. بانس کي انگريزيءَ ۾ بامبُو چوندا آهن. هن جا گهڻا قسم آهن. اڪثر باغن ۾ هن جا ڪي وڻ يا ٻوڙا سونهن لاءِ رکندا آهن. ٻج توڙي قلمن هئڻ سان ٿيندو آهي.[2]

بانس

حوالا سنواريو

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سال 2012ع
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو