بال ٺاڪري

ڀارتي سياستدان

بال ٺاڪري
(مراٺي ۾: बाळ केशव ठाकरे خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 23 جنوري 1926[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ممبئي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 17 نومبر 2012 (86 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ممبئي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت ڀارت (26 جنوري 1950–)
برطانوي راڄ (–14 آگسٽ 1947)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان،صحافي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي مراٺي ٻولي،هندي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

بال ٺاڪري هندستان جي رياست مهاراشٽر جو با اثر ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو، -بال ٺاڪري- ابتدا ۾ ڪارٽون ٺاهيندو هو ۽ پوءِ اڳتي هلي سياستدان بڻيو. هن 30 سال اڳ هندو انتهاپسند تنظيم ’شِوسينا‘ قائم ڪئي. 93- 1992ع جي مذهبي فسادن کانپوءِ هن تي وڏي -تنقيد- ٿي ۽ مٿس اهي فساد ڪرائڻ جو الزام هنيو ويو. هي شِوسينا، اقليتن ۽ خاص ڪري مسلمانن کي نشانو بڻائڻ مذهبي ۽ نسلي مت ڀيد وڌائڻ جي الزامن جي ڪري مشهور آهي. -بال ٺاڪري- 1950ع واري ڏهاڪي ۾ بمبئيءَ جي هڪ -اخبار- لاءِ سياسي ڪارٽونسٽ طور پنهنجي عملي زندگيءَ جو سفر شروع ڪيو. 1966ع ۾ هن مهاراشٽر جي مقامي رهواسين جي حقن جي حاصلات لاءِ شوسينا قائم ڪئي. هن پارٽيءَ بمبئيءَ ۾ ڏکڻ هندستانين کي نشانو بڻايو ۽ تشدد ڀري مهم هلائي، ساڳئي نموني گجراتي ۽ مسلمان برادرين کي پڻ نشانو بڻايو ويو. -بال ٺاڪري- جي پارٽيءَ جا ميمبر هن سان جنون جي حد تائين عقيدت رکندا آهن. توڙي جو هو پاڻ ڪڏهن به چونڊ ۾ ناهي بيٺو، پر پارٽيءَ جي منظم نيٽ ورڪ ذريعي سندس هر حڪم تي عمل ٿيندو آهي. ڪجهه عرصو اڳ شوسينا جي ڪارڪن عورتن تڪراري فلم ”فائر“ خلاف سئنيمائن تي حملا ڪيا ۽ سندن مالڪن کي اها فلم نه هلائڻ تي مجبور ڪيو. شيوسينا بالي ووڊ جي مسلمان اداڪار يوسف عرف دليپ ڪمار کي به نشانو بڻايو، ڇو ته کيس -پاڪستان- جو اعليٰ -ترين- شهري اوارڊ ڏنو ويو هو. جڏهن هندو انتهاپسندن، -ايوڌيا- ۾ سورهين صديءَ جي -بابري مسجد- کي غير قانوني طور شهيد ڪيو، -ان- کان پوءِ شروع ٿيندڙ گروهي فسادن جي جاچ ڪندڙ عدالتي ڪميٽيءَ -بال ٺاڪري- بابت اها رپورٽ ڏني ته هن بمبئيءَ ۾ مسلمانن خلاف فساد شروع ڪرايو، جنهن ۾ 1000 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. -بال ٺاڪري-، -پاڪستان- جو عوام -ان- جي شخصيت کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندو آهي. هن ماضيءَ ۾ پاڪستاني فنڪارن توڙي رانديگرن کي ڌمڪيون به ڏنيون ته هو ڀارت جي سر زمين تي نه اچن. -بال ٺاڪري- انتهاپسنديءَ ۾ مشهور آهي. هن سان مشابهت رکندڙ ڪهاڻيءَ تي ڀارتي فلمساز رام گوپال ورما هڪ فلم ’سرڪار‘ ٺاهي، جنهن جو مرڪزي ڪردار اميتاڀ بچن ادا ڪيو. فلم ۾ سندس نالو ٺاڪري بجاءِ ’ناگري‘ رکيو ويو. سندس پوٽي نيها ٺاڪري ڪجهه عرصو اڳ هڪ مسلمان ڇوڪري محمد نبي سان شادي ڪئي آهي.[2]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Bal-Thackeray — subject named as: Bal Thackeray — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  2. بال ٺاڪري : (Sindhianaسنڌيانا)