باشو (Basho)، شاعريءَ جي صنف هائيڪو (Haiku) جو عظيم شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو پورو نالو ميتسو باشو هو. هن جاپان جي صوبي اگا (Iga) جي شهر يونو ۾ جنم ورتو. هن ۾ ننڍي هوندي کان ئي شاعر بڻجڻ جون خوبيون موجود هيون. 1666ع ۾ پنهنجي ڳوٺ يونو کي ڇڏي، ايڊو (Edo) (هاڻي ٽوڪيو) ۾ اچي رهڻ لڳو. هن هائيڪو شاعريءَ ۾ ڪافي نواڻ پيدا ڪـــئي، ايــتريقدر جـــو هائيـــڪو بهترين قسم جي شاعريءَ جي هيئت طور سموري جپاني عوام ۾ مقبول ٿي ويو. هن 1684ع کان سڄي دنيا جو دورو شروع ڪيو، پر جتي بہ ويو ۽ جن بہ حسين نظارن کان متاثر ٿيو، تن کي لکندو ويندو هو. ايتريقدر جو هڪ بهترين سفرنامو تيار ڪري ورتائين. سندس سفرنامو ادب ۾ بهترين اضافو تصور ڪيو وڃي ٿو. باشو جپاني شاعريءَ ۾ هڪ وڌيڪ صنف رينگا (Renga) جو به اضافو ڪيو. صديون گذرڻ باوجود باشو کي اڄ بہ جپاني شاعريءَ جو روشن تارو سمجھيو وڃي ٿو. هن اوساڪا ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا سنواريو