باسڪٽ بال(انگريزي: Basketball) ٽيمن واري راند آهي، جنھن جي شروعاتآمريڪا ۾ ٿي. هن راند ۾ ٻن ٽيمن جا پنج پنج رانديگر حصو وٺندا آهن. باسڪٽ بال راند جو پڙ يا ڪورٽ مستطيل شڪل جو ھوندو آھي ان جي ٻنهي سرن کان ڏهن ڏهن فوٽن جي ٻن ڊگهن لڪڙن يا پائپن تي هڪ تختو ۾ ھوندو آھي جنھن کي بيڪ بورڊ (Back board ) چوندا آهن.

باسڪٽ بال
Basketball

ڊاڪٽرجيمز نائسمٿ جنھن باسڪٽ بال راند ايجاد ڪئي
راند فيبا (FIBA)
راند جي شروعات ڊسمبر 21, 1891؛ 132 سال اَڳُ (1891-12-21). اسپرنگفيلڊ، مئسچوسٽس
Characteristics
رابطو محدود
ٽيم ھر ٽيم ۾ پنج ڄڻا
جنس عورتون۽ مرد علحده کيڏندا آهن
قسم چؤ ديواري ۾ يا کليل جاء تي
راند جو سامان باسڪٽ بال
کيڏڻ واري جاء چؤديواري ، پر اڪثر کليل پڙ ۾
راند متعلق لفظ باسڪٽ بال جا لفظ
Presence
ملڪ بين الاقوامي راند
اولمپڪ 1924۽ 1904۾ اولمپڪ ۾ کيڏي وئي. 1936 کان لاڳيتو شامل
پئرا اولمپڪ ھا


رانديگر باسڪٽ بال کيڏندي
بيڪ بورڊ ۽ ٽوڪري

ان تختي جي وچ ۾ 18 انچ قطر جو سوراخ ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڄاري هوندي آهي. جنهن کي باسڪٽ يعني ٽوڪري چئبو آهي.سھا ٽوڪري زمين کان 10فٽ يا 4 ميٽرن تائين مٿي ھوندي آھي يا ان مان بال کي ٽپائي پوائنٽ حاصل ڪئي ويندي آهي. مقرر وقت تائين جيڪا به ٽيم وڌيڪ بال اُن ٽوڪريءَ اندر ٽپائيندي آهي، اُن کي ڪامياب قرار ڏنو ويندو آهي.[1][2]ھر ٽيم پنھنجي مخالف ٽيم کي بال ٽوڪري ۾ وجھڻ کان روڪيندي آهي. باسڪٽ بال جو قطر 24 سينٽي ميٽر يا 9.4 انچ ھوندو آھي.راند ۾ فيلڊ گول ٻہ پوائنٽن جي برابر ھوندو آھي ۽ جي ٽن پوائنٽن جي لڪير جي ٻاھران ڪيو وڃي تہ پوءِ ٽي پوائنٽن جي برابر ھوندو آھي.

باسڪٽ بال جو پڙ يا ڪورٽ

جيڪڏهن ڪو رانديگر قائدي جي خلاف ورزي ڪندو آهي تہ پوء مقرر وقت واري راند کي بند ڪري مخالف ٽيم کي فري ٿرو ڏبو آھي.فري ٿرو ۾ رانديگر بال کي مخالف ٽيم جي رڪاوٽ کان سواءِ بال ٽوڪري ۾ ڦٽي ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو آھي. جي ٽوڪري ۾ پئجي ويو تہ ٽيم کي ھڪ پوائنٽ ملندي. جيڪا ٽيم مقرر وقت ۾ گھڻيون پوائنٽون اسڪور ڪندي آھي. جيڪڏهن ٻنھي ٽيمن جو اسڪور برابر ھوندو آھي ۽ راند جو وقت وڌائي سگھبو آھي. راند دوران رانديگر کي بال کي زمين تي ٽپ ڏياري اڳتي وڌائيندو آھي يا مھارت سان پنھنجي ٽيم ڀائي جي حوالي ڪندو آھي.

رواہتي باسڪٽ بال جي تصوير

بال کي مسلسل ٽپ ڏياريندي رانديگر ٽوڪري جي طرف اڇليندو آھي يا ٽوڪري واري دائري ۾ اچي ٽپو ڏئي بال ٽوڪري ۾ وجھندو آهي. ٻي ٽيم جو رانديگر بآل ساڳي طريقي سان کان جي ڪوشش ڪندو آھي يا رڪاوٽ وجهندو آهي. جي بال کسي ويو تہ ساڳي طرح ٽوڪري ۾ وجھندو آھي يا پنھنجن ٽيم ڀائي جي حوالي ڪندو آھي تہ جيئن ٽوڪري۾ وجھي. راند دوران ھر ٽيم جا پنجئي رانديگر مختلف خاص ھنڌن تي بيھندا آھن. انھن ۾ سڀ کان ڊگھو رانديگر اڪثر وچ ۾ بيھندو آهي. عام طور تي راند کيڏڻ لاءِ ٽيمن ۾ ٽي ٽي، ٻہ ٻہ يا ھڪ ھڪ رانديگر ھوندا پر مقابلي واري راندين ۾ قائدي مطابق پنج پنج رانديگر لازم آھن. ھي راند 1891 ۾ آمريڪا جي ڪيناڊائي آمريڪي جي ڪسرت واري استاد(gym teacher)جيمز نائيسمٿ(James Naismith) مئسچوسٽس رياست جي شھر اسپرنگفيلڊ ۾ ايجاد ڪئي جيڪا آھستي آھستي دنيا جي مشھور راند ٿي وئي. [3]ھن راند جي واڌاري لاءِ دنيا ۾ مشهور ادارو نيشنل باسڪيٽ بال ايسوسيئيشن (NBA) آھي .[4][5]ھي راند عورتون بہ شوق سان کيڏنديون آھن.

2006 جي FIBA جي عالمي مقابلي ۾ کٽيندڙ آسٽريليا جي باسڪٽ بال ٽيم
باسڪٽ بال راند ۾ ڊربلنگ (dribbling) جو طريقو وڊيو ۾ ڏسو

حوالا سنواريو