بئنڪ هڪ ڪاروباري ادارو آهي. -بئنڪ- جو رواج اٽليءَ کان شروع ٿيو، -جتي- ’وينس‘ شهر واپاري مرڪز هو. واپارين جي سهوليت لاءِ ڪي شخص سينٽ مارڪ (St. Mark) جي چوسول تي پئسا رکندا هئا ۽ مختلف سڪن بدلائي ڏيڻ جو ڪاروبار ڪندا هئا. -بئنڪ- کي اطالوي ٻوليءَ ۾ ”بَينڪو“ يا ”بئڪو“ چيو ويندو هو، -ان- -تان- ”-بئنڪ-“ جو نالو ٺهيو، جو اهو ڌنڌو انهن بينچن تي ويهي ڪندا هئا. اڄ سڄيءَ دنيا ۾ ”-بئنڪ-“ نالو رائج آهي. -بئنڪ- هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن ۾ ڪوبه شهري امانت طور پنهنجا پئسا رکي سگهي ٿو. اُهو پئسو ٻن بنيادن تي رکيو ويندو آهي. هڪ ڪرنٽ اڪائونٽ ۾، جنهن مان ڪابه ڪٽوتي ناهي ٿيندي ۽ ٻيو نفعي نقصان جي بنياد تي جمع ڪرايو ويندو آهي. بئنڪون ماڻهن کي قرض به فراهم ڪنديون آهن. جيڪي صنعتي، زرعي، ڪاروباري ۽ ٻين مختلف بنيادن تي هوندا آهن. اڄ جي دور ۾ -بئنڪ- ۾ جديد -ترين- سهوليتون مثال طور ڪريڊٽ ڪارڊ، اي ٽي ايم، آن لائين بئنڪنگ ۽ ڪال سينٽرس، يوٽلٽي بلن جي ادائگي وغيره مهيا ڪري رهيون آهن. -بئنڪ- جو نظام قديم -بابلي- -تاريخ- ۾ پڻ ملي ٿو. -ان- کان پوءِ يونان ۾ پڻ چوٿين صدي عيسويءَ ۾ بئ نڪ جو نظام هلندڙ هو. سنڌ ۾ بئنڪن جي نظام جي شروعات 1858ع کان ٿي، جڏهن -برطانيا- حڪومت جي ڪوششن سان، ڪراچيءَ ۾ هڪ -بئنڪ- جي شاخ کلي. -ان- -بئنڪ- جو نالو ”آگره ائنڊ ماسٽر مين -بئنڪ-“ هو، جنهن پنهنجي ايجنسي ڪراچيءَ ۾ قائم ڪئي. انهيءَ سال ”-بئنڪ- آف ڪراچي“ به قائم ٿي. مطلب ته 1886ع تائين ڪراچيءَ ۾ ڪيترين ٻين بئنڪن جون برانچون کليون. 1920ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪوآپريٽو بئنڪن جي شروعات ٿي. بئنڪن جي قيام سان، ڪراچيءَ جي ڪاروباري ۽ صنعتي ماڻهن لاءِ قرض حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي سرمائي جي حفاظت جي سهوليت به مهيا ٿي. هن وقت سڄي -پاڪستان- جي سمورن صوبن وانگر سنڌ جي هر وڏي ننڍي شهر ۾ مختلف بئنڪون کلي چڪيون آهن.[1][2]

بئنڪ آف انگلينڊ

حوالا سنواريو