اڪئڊمي (Academy) لفظ اٿينس ويجهو هڪ باغيچي جي نالي مان نڪتو آهي، جتي افلاطون جي اڪئڊمي 387 ق.م کان 529ع تائين موجود هئي. اهو نالو اٽليءَ جي عالمن پاران نئين سجاڳيءَ واري دور (Renaissance) ۾ اختيار ڪيو ويو، پر هاڻي اهو هر اهڙي اداري لاءِ ڪتب ايندو آهي، جيڪو سکيا سان لاڳاپيل هجي، پوءِ ڇو نه اها جنگ جي سکيا هجي، جيئن ”رايل ملٽري اڪئڊمي“ وغيره. اهڙيءَ طرف ادبي اِدارا به اڪئڊمي سڏبا آهن. مثلاً: ساهتيہ اڪيڊمي، سنڌي اڪئڊمي، اڪيڊمي آف ليٽرس وغيره.[1]

اٿينز جو اسڪولجي خيالي تصوير , رافئيل (1509–1510) پاران ٺاھيل

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.