اڪبر لغاري

سنڌي ليکڪ

اڪبر لغاري 30 نومبر 1963ع تي تعلقي هالا جي ڳوٺ ٽالھي خان لغاري لڳ ڀاڻوٺ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو اديب آھي، ڪھاڻين ۽ ادبي تاريخ تي ڪم ڪيل اٿن. جڏھن تہ مختلف سرڪاري کاتن ۾ پنھنجون خدمتون ڏيندا رھيا آھن. ھن وقت سنڌ صوبي جي تعليم کاتي جا سيڪريٽري آھن.[1]

اڪبر لغاري

تعليم سنواريو

سندس تعليم ايم. اي اڪنامڪس (1978ع) ۽ ايل. ايل. بي (2003ع) آهي.[1]

سرڪاري ذميواريون سنواريو

شروعات ۾ تعليم کاتي ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور ڀرتي ٿيا ۽ ان حيثيت ۾ ڳوٺ مبارڪ جروار، حمايت الاسلام هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ هوپفل هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهائيندو رهيا. بعد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي، 1991ع ۾ پاڪستان ڪاليج سعيدپور، بدين ۾ ليڪچرر ٿيا. 1989ع ۽ 1990ع ۾ ٻہ دفعا سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪيائون. 1992ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي ٽريننگ ڪري 1993ع ۾ موٽروي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيا. 1994ع ۾ ريلوي مئجسٽريٽ حيدرآباد، 1995ع ۾ ايس. ڊي. ايم مٺي، 1996ع ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر دادو، 1997ع ۾ ايس. ڊي. ايم ڊگهڙي، 1998ع ۾ سيڪريٽري RTA حيدرآباد، 1999ع ۾ ايس. ڊي. ايم ميرپور خاص، 2000ع ۾ سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي (ڏکڻ)، 2001ع ۾ ڊيِ. اِي. او فنانس سانگهڙ، 2002ع ۾ ٽِي. ايم. او ڪورنگي ڪراچي، 2003ع ۾ ڊائريڪٽر ٽوئرزم، 2003ع ۾ ئي ڊپٽي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو، 2004ع ۾ اِي. ڊِي. او روينيو دادو، 2005ع ۾ اِيِ. ڊِي. او روينيو ڄامشورو، 2007ع ۾ ڪين ڪمشنر حيدرآباد ۽ 2008ع ۾ ڊِي. سي. او عمرڪوٽ طور پنهنجون خدمتون انجام ڏنائون. ھاڻي سنڌ صوبي جي تعليم کاتي جا سيڪريٽري آھن.[1]

ادبي سفر سنواريو

سندن جي تصنيفن ۾ ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ (1992ع) ۽ ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ (2003ع) شامل آهن. ان کان سواءِ ادبي تنقيد ۽ شيخ اياز بابت سندس ڪيترائي مضمون روزاني ”ڪاوش“ ۾ ڇپيا آهن. ٽہ ماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ سندس ڪھاڻيون بہ شايع ٿيل اٿن. ”سارنگا“ رسالي جي اعزازي سٿ ۾ بہ شامل رھيا آھن.[1]

حوالا سنواريو