اڇو جيرو، جِيري جو هڪ قسم، جيڪو پسارڪي وکر طور ڪم اچي. ان کي اردوءَ ۾ ’زيره‘ چون. هيءُ هڪ خوشبودار ميرانجهڙي رنگ جو ٻج آهي، جنھن لاءِ حڪيمن جو چوڻ آهي تہ ان کي گهوٽي پياربو تہ پيشاب جاري ڪندو. اُڃ ۽ رت جي جوشِ کي گهٽائيندو آهي. ۽ ٻين بہ ڪن بيمارين ۾ ڪم آڻبو آهي. هيءُ عام رڌڻي ۾ مصالحي طور پڻ استعمال ٿيندو آهي.[1]

طب سنواريو

جيرو اڇو (ٻيا نالا: ع. ڪمون ابيض، ف. زيره سفيد، هه. وغيره___ زيرا ۽ جامع اللخم.)

اثر: گرم خشڪ، نقصان: دماغ کي، ميل: ننڍا ڦوٽا، عيوض: ڪاسني، وزن: ٽن کان پنج ماسا.

سڃاڻپ: ميرانجهڙي رنگ جو ٻج آهي، هن کي گهوٽي پياربو ته پيشاب جاري ڪندو، اُڃ، صفرا ۽ رت جي جوش کي گهٽائيندو، مثاني جي پٿري، رائي ۽ مثاني جي ڦٽ، پرميل، صفراوي تپن، ٻرهل، يرقان، جگر جي گرمي ۽ رت صفا ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.[2]

حوالا سنواريو

  1. اڇو جيرو : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.