اپالو 13 (Apollo 13) خلا ۾ انساني سفر جي ستين مھم ۽ چنڊ تي قدم رکڻ لاءِ ٽين مھم لاء اپالو 13 خلائي جھاز تيار ڪري موڪليو ويو هو.اھو خلائي جھاز ڌرتيءَ تان 11 اپريل 1970 ۾ منجھند جو 2:13 بجي آمريڪا جي شھر فلوريڊا جي ڪينيڊي اسپيس سينٽر تان جيمز اي. لوويل (James A. Lovell) جي ڪمان ۾ روانو ٿيو.جھاز جا ڪمانڊنگ ماڊيول پائليٽ جان ايل.جيڪ سوگرٽ (John L. "Jack" Swigert) ۽ فريڊ ڊبليو. ھيسي (Fred W. Haise) ھيا جن مان جيڪ سوگرٽ کي بيماري ظاھر ٿيڻ تي مٽائي ڪين ميٽنگلي (Ken Mattingly) کي موڪليو ويو. جھاز زمين کان چند طرف ٻن ڏينھن ۾ 400171 ڪلوميٽر سفر طئي ڪري جڏهن چنڊ کان 254 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي پھتو تہ ان جو آڪسيجن جو ٽئنڪ ڦاٽي پيو جنھن ڪري چنڊ تي جھاز کي لاھڻ جو پروگرام منسوخ ڪيو ويو ۽ 17 اپريل 1970 ۾ روانگيءَ کان ڇھ ڏينھن بعد عملو محفوظ طريقي سان جھاز سميت ڌرتي تي واپس اچي لٿو.

اپالو 13 جي خلاباز عملي جي تصوير
کاٻي کان ساڄي پاسي: لوويل، ميٽنگلي ۽ ھيسي
اپالو 13 واپسيءَ بعد سمند مان آمريڪي بحري جھاز تي چاڙھي رکيو پيو وڃي