هن جو اصل نالو نبي بخش محمد صديق عقيلي آهي. هيءُ -بئنڪ- ڪار ۽ اقتصاديات جو ماهر، 11 -آگسٽ- 1913ع تي -ٺٽي- جي مشهور عقيلي خاندان ۾ پيدا ٿيو. -تعليم- مڪمل ڪرڻ کان پوءِ -بئنڪ- ۽ اقتصاديات جي شعبي سان وابسته ٿيو. 1951ع ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي شعبي فارين ايڪسچينج جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1958ع کان 1966ع تائين -پاڪستان- انڊسٽريل ڪريڊٽ ۽ انويسٽمنيٽ ڪارپوريشن (PICIC) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿيو. مختلف مالياتي ۽ اقتصادي ادارن جو اعليٰ عهديدار يا رُڪن رهيو، -جن- ۾ -پاڪستان- انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس، ڪائونسل آف -پاڪستان- انسٽيٽيوٽ آف بئنڪرس، سنڌ مدرسه بورڊ ۽ سنڌ مدرسه اولڊ بوائز ائسوسيئيشن قابل ذڪر ادارا آهن. -بئنڪ- ڪاري، ماليات، اقتصاديات ۽ ٻاهرئين واپار جي موضوع تي -آمريڪا-، -برطانيا-، -ايشيا- ۽ يورپ ۾ بيشمار -بين- الاقوامي ڪانفرنسن ۾ -پاڪستان- جي نمائندگي ڪيائين. 30 -جولاءِ- 1966ع تي صدر -ايوب خان- جي دور ۾ -پاڪستان- جي خزاني جو وزير ٿيو. مارچ 1961ع ۾ صدر -پاڪستان- کيس ’ستاره قائداعظم‘ ۽ 1965ع ۾ ’ستاره -پاڪستان-‘ جا اعزاز ڏنا. 1964ع ۾ وفاقي جمهوريه جرمنيءَ کيس ”ڪمانڊرز ڪراس آف دي آرڊر آف ميرٽ“ جي اوارڊ سان نوازيو. 6 نومبر 1996ع تي وفات ڪئي.[1]

حوالا سنواريو