اولمپس- يونان ۽ -ايشيا- ڪوچڪ جي ڪيترن پهاڙن جو نالو آهي. جنهن ۾ سڀ کان وڏو سلسلو ٿيسلي ۽ مسيڊونيا جي سرحد تي آهي، جيڪو اوسا -جبل- ڪري الڳ ٿلڳ نظر اچي ٿو. انهي 9600 فٽ بلند -جبل- کي ئي -اولمپس- نالو ڏنو ويو آهي. جنهن کي يونان جا ماڻهو پنهنجو ديوتا سمجهن ٿا. يوناني ديو مالائن موجب سڀ کان طاقتور ديوتا زيوس. انهيءَ -جبل- تي رهندو آهي. هن کي سڀني ماڻهن ۽ ديوتائن جو پيءُ سڏيو ويندو آهي. زيوس سڀ کان طاقتور ۽ لازوال آهي. هو ٻين ديوتائن سان گڏجي ڪائنات جي هر شيءِ هلائي ٿو. شاهاڻي طاقت، قانون ۽ حڪم جو باني آهي. هر پهرين ۽ سٺي شيءِ هن کان اچي ٿي. نفعو، نقصان، موت ۽ نصيب هن جا محتاج آهن. زيوس جا هٿيار گجگوڙ ۽ کنوڻ آهن. هو طوفان، زلزلا ۽ ٻوڏون پيدا ڪري ٿو. قديم يونان جي علائقي ايلس جي اولمپيا ميدان ۾ زيوس جو مندر هو، -جتي- هر چوٿين سال اولمپڪ راندين جو تهوار عرس طور ملهايو ويندو هو. عورتون انهن مقابلن ۾ حصو وٺي نه سگهنديون هيون. 776 ق. م کان 394ع تائين اولمپڪ راندين جو باقاعدي رڪارڊ ملي ٿو. 4 صديءَ جي آخر ۾ اهي رانديون -بند- ڪيون ويون پر بعد ۾ جديد اولمپڪ وري شروع ڪئي وئي.[1]

اولمپس جبل

حوالا سنواريو