اوطاق (انگريزي ٻولي: Drawing Room، اردو: بیٹھک) ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو گهر جي جاءِ کانسواءِ ٻاهر ڪچهري ڪرڻ يا ويهڻ واريءَ جاءِ کي چئبو آهي. انهيءَ کي ”مهمان خانو“ به چئجي، جيئن:

اوطاق
”اچين جي اوطاق، مون ساريندي سپرين.“

سنڌ ۾ گهڻو ڪري هرهڪ ڳوٺ جي چڱي مڙس جي اوطاق هوندي آهي، جنهن ۾ آئي وئي ديسي پرديسي مهمان جي پرگهور ڪئي ويندي آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.