انفراديت (Individuality) ڪنھن تخليق جي عظمت جو اھڃاڻ ٿئي ٿي. ان ئي عنصر جي ڪسوٽيءَ ذريعي ڪنھن بہ تخليقي شھپاري جي فني ۽ فڪري پھلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهجي ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي تہ انفراديت ڪنھن تخليق (Creation) جي سڃاڻپ، علحدي خاصيت ۽ اهڃاڻ آهي. جديد شاعرن پنھنجي ذاتي محسوسات، مشاھدن، احساسن ۽ تجربن کي ھڪ انوکي انداز ۾ بيان ڪيو اھي. تشبيھن، استعارن، اصطلاحن ۽ محاورن جو اظھار بہ نرالي ۽ پيرائتي انداز ۾ ڪيو آھي.[1] جيئن شيخ اياز چيو آھي تہ:

جتي لڪ لڳي جت اڪ ڦٽن
سو ديس مسافر منھنجو ڙي
جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو ۽ آڳ الا ٿي نڪري ٿو
جت ڏينھن ڪڙھائي جيئن ڪڙھن سو ديس مسافر منھنجو ڙي

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.