انجيس--- يا-- قبضو

A barrel hinge

درين ۽ دروازن کي لڳائڻ ۽ انھن اندر مختلف جزن ذريعي ڳانڍاپو رکڻ واسطي ھيٺين قسمن جي قبضن يا انجيسن جي ضرورت پوندي آھي. انجيسون يا قبضا : (Hinges) دروازن ۽ درين جي نوعيت مطابق عام طرح سان ھيٺ ڄاڻايل قسم جون انجيسون استعمال ڪيون وينديون آھن.
(i) بُٽ ھنجِس يا ڪتابي انجيسون: (Butt Hingest ھن قسم جون انجيسون عام طرح سان استعمال ڪيون وينديون آھن. انھن جو ھڪ حصو تاڪ جي پاسي ۾ ۽ ٻيو حصو چوڪاٺي جي پاتام ۾ اسڪرن ذريعي لڳايو ويندو آھي. انجيسن لڳائڻ وقت اسڪرن يا پيچن کي ھٿوڙيءَ سان ٺوڪي نھ لڳائجي ڇاڪاڻ تھ ائين ڪرڻ سان ڪجھھ وقت کان پوءِ اھي ڍرا ٿي نڪري ايندا آھن. انھيءَ ڪري انھن کي اسڪرو ڊرائيور يعني پيچ ڪش سان لڳائڻ گھرجي.
(ii) ٽي – انجيسون يا پڇر انجيسون: (T- Hinges)
ھي ھڪ قسم جو گھاڙو لوھ (Wrought iron) جون فتيلون آھن، ھنن جي ڊگھي ٻانھن وارو حصو تاڪ جي افقيءَ پٽيءَ ۾ اسڪرن سان لڳايو ويندو آھي ۽ ٻيو ڌاتيءَ جي پٽيءَ وارو حصو چوڪاٺي ۾ جڙيو ويندو آھي. ھن قسم جون انجيسون معمولي قسم جي دروازن لاءِ ٺيڪ آھن ۽ کين ڳرن ۽ سٺي قسم جي دروازن ۾ استعمال نھ ڪرڻ گھرجي.
(iii) ٻن طرفن واريون انجيسون: (Back flap Hinges) ھن قسم جون ٻھ طرفيون انجيسون اھڙن ھنڌن تي استعمال ڪبيون آھن، جتي اھڙا تہ سنھا تاڪ لڳائبا آھن جو سادين انجيسن جو لڳائڻ ممڪن نہ ھوندو آھي. (iv) ڪوڪن واريون انجيسون: (Pin Hinges) جڏھن تاڪن جو وزن ايترو ڳرو ھوندو آھي جو ٻين قسمن جي انجيسن سان انھن کي نہ لڳائي سگھبو آھي تھ اھڙيءَ حالت ۾ ھن قسم جون ڪلين واريون انجيسون لڳائبيون آھن.