اميبا : اموئبا: amoeba :(/əˈmbə/; rarely :(جمع: اميبي)am(o)ebas or am(o)ebae /əˈmbi/),[1]:هيءُ هڪ گهرڙي تي مشتمل -جاندار- بيٺل پاڻيءَ جي دٻن ۽ تلائن ۾ رهي ٿو. هن جو تعلق فائيلم پروٽوزوا سان آهي. هو خوردبيني (Microscopic) -جاندار- آهي، خوردبين کانسواءِ ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي، پر خوردبينن جي هيٺان هن جي ڪا مستقل شڪل نظر نه ايندي آهي، ڇو ته هي هر وقت پنهنجي شڪل بدلائيندو رهي ٿو. هن جو گهيرو اٽڪل هڪ ملي ميٽر جي چوٿين حصي جيترو هوندو آهي. -اميبا- جي بناوت نهايت سادي آهي. سائٽو پلازم جي ٻاهران گهرڙي جو پردو هوندو آهي، جيڪو -ان- جي حفاظت ڪندو آهي. -اميبا- جي چرپر سان نيوڪليئس به پنهنجي جاءِ مٽائيندو رهي ٿو.[2] سائٽوپلازم يا گھرڙي جي پاڻياٺ جو ٻاھريون شفاف حصو ايڪٽوپلازم سڏبو آهي.ھن جو اندروني حصو گھاٽو، نيم شفاف ۽ داڻيدار ٿئي ٿو ۽ ان کي اينڊو پلازم چئبو آهي جن جي وچ ۾ خال ٿين ٿا.اميبا ننڍڙن پيرن جي مدد سان حرڪت ڪري ٿو ۽ انھن جي مدد سان کاڌي جي ذرن کي جھلي ٿو.ھي ويڪيول ۾ کاڌي جا ذرا گڏ ڪندو آهي ۽ پنھنجي پوري مٿاچري تان ساھ جو عمل سرانجام ڏئي ٿو.

Clockwise from top right: اموئبا پروٽئس، ايڪٽينوفرائسول ايڪنٿاموبا sp., پومفولگزوفريس sp., يوگلائفا sp., نيوٽروفلانجيسٽنگ بيڪٽيريا

حوالا سنواريو