ڪبوتر کي امن جي نشاني سمجھيو ويندو آھي.

امن، پيس (انگريزي ٻولي: Peace)، شانتي يا پرچاءَ جو عمل عالمي حوالي سان موجود مُختلف رياستن جي وچ ۾ شانتي ۽ سهپ ڀريي ماحول جي پَڪَ ڏياري ٿو ته مُختلف رياستون گهڻ-پاسائن معاملن ۾ لاڳاپا رکندي، هڪٻئي سان سڌريل نموني سان ورتاءُ ڪري رهيون آهن. اهڙي طرح اهي بنا ڪنهن وڳوڙ / جهيڙي جي عالمي سرشتي کي پرسڪون انداز ۾ هلائي رهيون آهن. ”امن“ يا شانتيءَ جي تصور کي عام طور جيئن بيان ڪيو ويندو آهي، ان مان چاڻ ملي ٿي ته عالمي لاڳاپن ۾ رهندي، لاڳاپيل ڌُرين ۾ دشمنيءَ وارو ماحول نه هجي، يا منجهن هڪ صحتمند يا هاڪاري لڳاپو قائم ٿيل هجي. ڏهاڙي زندگيءَ جو ڪاروهنوار هلائيندي، قومن جي تاريخ ۾ سماجي توڙي معاشي لحاظ کان تحفظ واري صورتحال هجي ۽ سندن سياسي تعلق ۾ برابريءَ ۽ انصاف جو ماحول موجود هجي. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ”امن“ جي وقت کي اهڙو زمانو تصور ڪيو ويندو آهي، جڏهن دُنيا ۾ مجموعي طور ڪو وڏو بحران، فساد، جنگ يا لڙائي ۽ جهيڙو نه هجي.[1]

حوالا سنواريو