امداد حسيني (انگريزي:Imdad Hussaini) برطانوي هندستان ۾جنم وٺندڙ سنڌ پاڪستان جو سنڌي ٻولي جو مشهور شاعر ۽ ليکڪ آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

امداد حسيني

زندگي جو احوال سنواريو

امداد حسيني جو پورو نالو سيد امداد علي شاه ولد سيد فضل محمد شاھ آهي. هيءُ 10 مارچ 1940ع تي شهر ٽکڙ ، حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس ادبي نالو امداد حسيني يا سانول اٿس. پاڻ موجودو دؤر جو سرموڙ سنڌي شاعر آهي. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ۽ باقي سنڌ يونيورسٽي مان. امداد مسلسل لکندو پيو اچي هن سڀني جديد صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس نظم جديد انداز ۾ آهي. سندس ڪلام ڪيترن ئي سٺن فنڪارن ڳايو آهي.[1]

تعليم سنواريو

امداد حسيني شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي کُٿاب (مڪتب) ۾ ورتي. مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊيئيٽ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪري، بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.

خدميون سنواريو

شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ نوڪري (پارٽ ٽائيم) ڪيائين، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران 1977ع کان 1979ع تائين ٽه- ماهي ”مهراڻ“ جو -ايڊيٽر- مقرر ٿيو. 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. حيدرآباد جهڙي ثقافتي مرڪز ۾ پليو نپنو ءِ هاڻڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي. امداد حسينيءَ جي خاندان ۾ وڏا عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. سندس ڏاڏو علامه اسدالله شاهه ”فدا“ پنهنجي دور جو جيد عالم ۽ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جو شاعر ٿي گذريو آهي. امداد جي شاعريءَ جو هڪ مختصر مجموعو، ”-امداد آهي رول-“ 1976ع ۾ سنڌي اڪئڊمي حيدرآباد پاران ڇپيو. سندس طويل نظم ”شهر“ (1988ع ۾ لکيل ’شهر آشوب‘) مارچ 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ”هوا جي سامهون“ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس شاعريءَ جو نئون مجموعو ”ڪرڻي جهڙو پل“ ڇپائيءَ هيٺ آهي. -ٽکڙ- پبليڪيشن پاران ڇپايل ڪتاب ”مئل ماڻهو، جيئري پيڙا“ هن سحر امداد سان گڏجي مرتب ڪيو آهي. -ان- کان علاوه مشهور سنڌي وير گاٿا ”دودي چنيسر“ جو اردوءَ ۾ ترجمو به سندس جو ڪيل آهي، جيڪو لوڪ ورثي -اسلام- -آباد- جو ڇپايل آهي. مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو -اردو- ترجمو به سندس ڪيل آهي، جيڪو اڪادمي ادبيات -اسلام- -آباد- ڇپايو. احمد خان آصف جي ٻاراڻن ٻولن تي مشتمل ڇهن جلدن ۾ ڇپيل اهم -تصنيف- سنڌيڪا پاران امداد حسينيءَ ايڊٽ ڪئي آهي. -اردو- اڪئڊميءَ لاءِ ٻارن جي -اردو- نظمن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اٿس. هن بابا فريد ۽ ماڌو لال حسين جي پنجابي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. امداد حسيني بزم طالب الموليٰ حيدرآباد شاخ ۽ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ واري تحريڪ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ امداد حسينيءَ عملي طور ڀرپور -بهرو- ورتو. امداد حسينيءَ ”سانول“ جي نالي سان ڪهاڻيون به لکيون، ريڊيو لاءِ ناٽڪ، ڪهاڻيون ۽ گيت لکيائين. ريڊيو جي مقبول پروگرام ”جهڙا گل گلاب جا“ جا اڪثر اسڪرپٽ به امداد حسينيءَ جا لکيل آهن. امداد حسينيءَ -ٽيليويزن- لاءِ گيت ۽ ناٽڪ پڻ لکيا آهن. هن فلمن لاءِ گيت لکيا آهن، -جن- مان ڪجهه آهن: (1) ڌرتي لال ڪنوار (2) سڄڻ سائين (3) حاضر سائين (4) جانيئڙا. 2000ع ۾ امداد حسينيءَ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان رٽائرمينٽ ورتي. -ان- کان پوءِ به ڪانٽريڪٽ تي، ڪجهه عرصو اتي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 2004ع کان 2006ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي -ٽن- رسالن ٽماهي ”مهراڻ“، ماهوار ”سرتيون“ ۽ ”گل ڦل“ جي چيف -ايڊيٽر- جون ذميواريون نڀايائين، -ان- کان پوءِ ڪجهه عرصو اُتي چيف پبلڪيشن آفيسر پڻ رهيو، -امداد حسيني- سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. هن پنهنجي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ پڻ حاصل ڪيا آهن، -جن- ۾ ”طلوع پرائيز“، ”طالب الموليٰ اوارڊ“ ۽ ”نارائڻ شيام اوارڊ“، ”تمغه امتياز“(2003ع) ۽ ”-جوش مليح آبادي- اوارڊ“(2007ع) اهم آهن. -امداد حسيني- بنيادي طور هڪ شاعر آهي، پر -تخليق- سان گڏ، مختلف موضوعن تي به هن جو اهم ڪم موجود آهي. جهڙوڪ -ٻولي-، -تنقيد-، ٻارن جو ادب ۽ لطيفيات. -امداد حسيني- سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ”-انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا-“ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”-انسائيڪلوپيڊيا- شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جهڙين اهم رٿائن جي ايڊيٽرن واري سٿ ۾ شامل رهيو آهي.[2]

لاڏاڻو سنواريو

امداد حسيني 27 آگسٽ 2022ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.[3]

حوالا سنواريو