اليگزينڊر چيخوف

اليگزينڊر پاولووچ چيخوف(انگريزي: Alexander Pavlovich Chekhov) (Russian: Алекса́ндр Па́влович Че́хов (22 آگسٽ 1855 ۾ ڄائو 29 مئي 1913 ۾ وفات ڪئي) روس جو ناول نگار، ڪھاڻيڪار، مضمون نويس ۽ جنم ڪٿا لکندڙ اديب ھيو ۽ مشھور روسي اديب انٽون چيخوف جو وڏو ڀاءُ ۽ مخائيل چيخوف جو پيءُ ھيو. ٽيگنروگ ۾ پيدا ٿيندڙ ھن اديب 1875 ۾ ان اباڻي شھر مان گريجوئيشن پاس ڪندي سلور ميڊل حاصل ڪيو ۽ پوء ماسڪو اسٽيٽ يونيورسٽي مان طبعيات ۽ رياضي جي شعبي مان پڻ گريجوئيشن ڪئي. تعليم پوري ڪرڻ بعد 1882 ۾ ٽيگنروگ جي ڪسٽم جي کاتي ۾ ملازمت حاصل ڪيائين جتي 1885 تائين مقرر رھيو پوء سندس بدلي سينٽ پيٽرز برگ ۽ نوووروسيسڪ 1886 ٿي ۽ ساڳي سال کيس اوڊيسا اخبار ۾ ھڪ سنسني خيز ڪھاڻي لکڻ تي برطرف ڪيو ويو جنھن ۾ ھن ڪسٽم کاتي جي آفيسرن لاء بدشد لکيو هو. ننڍي عمر ۾ شادي ڪئي ھئائين ۽ 1888 ۾ سندس زال وفات ڪئي ۽ پوء ٻارن جي سنڀال لاء رکيل ملازم نٽاليا سان شادي ڪيائين جنھن مان کيس ميخائيل چيخوف پيدا ٿيو جيڪو مشھور روسي اداڪار ھيو . سندس ڀاءُ انٽون چيخوف مطابق اليگزينڊر ذھين ھيو پر سندس شراب نوشي جي عادت جي ڪري گھڻو لکي نہ سگھيو. 1913 ۾ ڳلي جي ڪينسر ڪري وفات ڪيائين ۽ کيس سينٽ پيٽرز برگ جي وولڪوف قبرستان ۾ دفنايو ويو.

اليگزينڊر چيخوف
پيدائش اليگزينڊر پاولووچ چيخوف
آگسٽ 22 1855(1855-08-22)
ٽيگنروگ, روس
وفات مئي 29, 1913 (عمر 57 سال)
سينٽ پيٽرز برگ, روس

حوالا سنواريو