الطاف حسين

پاڪستاني سياستدان

الطاف حسين هڪ پاڪستاني سياست دان آهي، متحده قومي مومنٽ جنهن جو مرڪز ڪراچي ۾ آهي ان جو باني آهي. جيڪو ڪراچي ۾ 17 سيپٽمبر 1953[1] ۾ پيدا ٿيو.سندس پي ء جو تعلق سيال ڪوٽ ۽ ماءَ جو تعلق انڊيا جي آگره شهر کان آهي.[1]

فائل:الطاف حسين.jpg
الطاف حسين متحده قومي مومنٽ جو اڳواڻ
پيدائش :17 سيپٽمبر 1953 ڪراچي پاڪستان
شهريت : برٽش
سياسي پارٽي : متحده قومي مومنٽ
شادي : فائزه الطاف(طلاق)
اولاد : افزه الطاف
رهائش :لنڊن
تعليم : ڪراچي يونيورسٽي
مذهب : اسلام،
ويب سائٽ

خاندان سنواريو

هن جو والد اسٽيشن ماسٽر هو، جيڪو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لڏي ڪراچيءَ آيو هو ۽ اچي هڪ ڪارخاني ۾ ڪلرڪ ٿيو. الطاف حسين جي والد، 13 مارچ 1967ع تي ۽ والده 5 ڊسمبر 1985ع تي وفات ڪئي.

تعليم سنواريو

پرائمري تعليم الله رکا اسڪول کان حاصل ڪئين.ميٽرڪ 1969 ۾ گورنمنٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول جيل روڊ کان حاصل ڪيائين.[1] ان دوران مختلف هنڌن تي ڪئڊٽ طور به خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. 1974ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي فارميسي ڪيائين.

سياست سنواريو

الطاف حسين عملي سياست جي شروعات شاگرد هئڻ دوران ئي ڪري ڇڏي هئي. 11 جون 1978ع تي آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (APMSO) جو بنياد رکيائين، ۽ اهائي تنظيم اڳتي هلي پهرين مهاجر قومي موومينٽ (M.Q.M) ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هينئر اها متحده قومي موومينٽ آهي. ايم. ڪيو. ايم جي قيام جو باقاعدي اعلان 18 مارچ 1984ع تي ڪيائين. 1986ع ۾ ڪراچيءَ ۾ نسلي فسادن کانپوءِ ايم. ڪيو. ايم هڪ وڏي ۽ منظم سياسي پارٽيءَ جي حيثيت سان اڀري آئي. آهستي آهستي ايم. ڪيو. ايم سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ کان پوءِ ٻئي نمبر تي وڏي سياسي پارٽي بنجي وئي.

پاڻمرادي جلاوطني سنواريو

1992ع ۾ الطاف حسين ۽ سندس ڪجهه ساٿين جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا، جنهن کان پوءِ 1992ع واري فوجي آپريشن وقت هو لنڊن هليو ويو، ۽ اتي پنهنجي پارٽيءَ لاءِ انٽرنئشنل سيڪريٽريٽ قائم ڪيائين. هن وقت تائين هو لنڊن ۾ رهيل آهي، جتي کيس اتان جي شهريت ملي چڪي آهي. [2]

مهاجر صوبي جو مطالبو سنواريو

2014ع ۾ سنڌ جي سياست جو سڀني کان گرم اشو “مهاجر صوبو” جو رهيو، جيڪو اردو ڳالهائيندڙن جي نمائنده پارٽي ايم ڪيو ايم پاران سال جي پهرين مهيني کان وٺي آخري مهيني تائين هلندو رهيو. الطاف حسين سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهايئندڙن کي هر شعبي ۾ سنڌين جي برابر حصو ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.