اشرف غني

2014 کان 2021 تائين افغانستان جو صدر

پورو نالو محمد اشرف غني احمدزئي، پيدائش 19 مئي 1949ع، افغان سياستدان، تعليمدان ۽ مُعاشياتدان جنھن اسلامي جمھوريا افغانستان جي آخري صدر طور سيپٽمبر 2014ع کان وٺي آگسٽ 2021ع تائين خدمتون ڏنيون.

اشرف غني
اشرف غنی

غني 2017 ۾
ٻيون افغانستان جو صدر
عهدو سنڀاليو
سيپٽمبر 29، 2014 – آگسٽ 15، 2021
نائب صدر
چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله (2014–2020)
پيشرو حامد ڪرزئي
جانشين ھبت الله اخوندزاده (جيئن افغانستان جي اسلامي امارت جو سربراهه)
ڪابل يونيورسٽي جو چانسلر
عهدو سنڀاليو
ڊسمبر 22، 2004 – ڊسمبر 21، 2008
پيشرو حبيب الله حبيب
جانشين حميدالله امين
ناڻو جي وزارت
عهدو سنڀاليو
جُون 2، 2002 – ڊسمبر 14، 2004
صدر حامد ڪرزئي
پيشرو هدايت امين ارسلا
جانشين انوار الحق احدي
ذاتي تفصيل
پيدائش مئي 1949 (عمر 74 سال)
لوگر , افغانستان
شهريت افغانستان[1]
گڏيل رياستون (يونائيٽيڊ اسٽيٽس) (1964–2009)
سياسي جماعت آزاد
جيون ساٿي رولا سعده (ش. 1975)
ٻار ٻچا مريم, سميت 2
تعليم آمريڪن يونيورسٽي بيروت (BA)
ڪولمبيا يونيورسٽي (MA, پي ايڇ ڊي)

شروعاتي زندگي سنواريو

غني شھنشايتِ افغانستان جي لوگر صوبي ۾ شاھ پسند (جيڪو پيشي جي لحاظ کان مُنشي ھُيو) جي گھر ۾ 19 مئي 1949ع ۾ پيدا ٿيو[2]. ھي احمدزئي پشتون قبيلي سان لاڳاپو رکي ٿو.[3] [4]

فارين ايڪسچينج شاگرد طور ھن ليڪ اوسويگو ھائي اسڪول (LOHS)، ليڪ اوسويگو، اوريگون ۾ 1966ع کان 1967ع جي اسڪولي سال ۾ اشرف احمد[5] ۽ اشرف احمدزئي جي نالي سان شرڪت ڪئي. فارين ايڪسچينج ۾ رھڻ لاءِ آمريڪن فيلڊ سروس سندس سرپرستي ڪئي[6]. ھن اسٽوڊنٽ ڪائونسل ۾ بہ خدمتون ڏنيون[7].

ھن پنھنجي سيڪنڊري درجي جي تعليم ڪابل ۾ پوري ڪئي. ھي پھرين قانون ۾ پڙھڻ گُھري پيو پر پوءِ ھن پنھنجو ڌيان ثقافتي علم الانسان (cultural Anthropology) ڏانهن ڦيرايو.

1973ع ۾ بيروت، لبنان ۾ موجود آمريڪن يونيورسٽي مان بيچلر جي ڊگري حاصل ڪيائين. اُن کانپوءِ سرڪاري اسڪالرشپ تي ڪولمبيا يونيورسٽي مان 1977ع ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين.سوويت يونين جي حمايتي فوجن جي اقتدار تي اچڻ کانپوءِ سندس ڪُٽنب جي ڀاتين جي گھڻائي کي قيد ڪيو ويو. اِھو ڏسندي ھي ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ ئي ترسي پيو ۽ 1983ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري ورتائين. ھي پنھنجي مُستقبل جي گھرواري رُولا سان مليو، جيڪا بہ اُتي ئي پڙھندي ھُئي[8]. ھن جي پي ايڇ ڊي جو عُنوان ھُيو (افغانستان، 1747ع کان 1901ع : پئداوار ۽ تسلط)[9].

تعليمي ڪيريئر سنواريو

1973ع کان 1977ع تائين بيچلر ڊگري تي ڪابل يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۾ خدمتون ڏنائين ۽ 1977ع ۾ آرھوس يونيورسٽي، ڊئنمارڪ ۾ خدمتون ڏنائين. 1983ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري تي ڪئليفورنيا يونيورسٽي، بريڪلي ۽ پوءِ 1983ع کان 1991ع تائين جاھنس ھاپڪِنس يونيورسٽي ۾ پڙھائڻ لاءِ کيس دعوت ڏيئي گُھرايو ويو. ھي ھارورڊ - انسيڊ ۽ ورلڊ بئنڪ - اسٽئنفورڊ گريجوئٽ اسڪول آف بزنسز جي ليڊرشپ تربيتي پروگرام ۾ پڻ شريڪ رھيو. سندس تعليمي اڀياس "رياست کي ٺاھڻ ۽ سماجي تبديلي" تي مُشتمل ھُيو. 1985ع ۾ فُل برائٽ اسڪالر طور "پاڪستاني مدرسن" تي ھڪ سال جي فيلڊ ورڪ واري تحقيق مڪمل ڪيائين.[10]

ورلڊ بينڪ سنواريو

غني 1991ع ۾ ورلڊ بئنڪ ۾ شامل ٿيو ۽ 1990ع واري ڏھاڪي جي اڌ تائين اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي رٿائن تي ڪم ڪيو.[11]

سياسي ڪيريئر سنواريو

صدارت سنواريو

سياسي نظريا سنواريو

غني جديديت جو حامي آھي ۽ ٻنھي بادشاھن ڪنگ امان الله خان جيڪو 1920ع واري ڏھاڪي جو ترقي پسند افغان بادشاھ ٿي گُذريو[12] ۽ شھنشاھيتِ افغانستان جي اڳوڻي وزيراعظم جنرل سردار محمد دائود خان (جنھن 1970ع ۾ جمھوريہ افغانستان جي پھرين صدر طور خدمتون ڏنيون[13]) کي پسند ڪندڙ آھي.

ذاتي زندگي سنواريو

تڪرار سنواريو

حوالا سنواريو

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named aspistrategist.org.au
  2. http://www.afghan-bios.info/index.php?option=com_afghanbios&id=539&task=view&total=1&start=0&Itemid=2
  3. "Ashraf Ghani | president of Afghanistan". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2021-11-05. 
  4. Dawn.com. "Ashraf Ghani Ahmadzai". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2021-11-05. 
  5. "Exiled Afghan president attended school in Lake Oswego". KOIN.com. حاصل ڪيل 2021-11-06. 
  6. Oregonian/OregonLive, Jaimie Ding | The. "Before he rose to lead (and leave) Afghanistan, Ashraf Ghani made a mark on an Oregon high school". oregonlive. حاصل ڪيل 2021-11-06. 
  7. Daley, Jillian. "President of Afghanistan attended LOHS". https://joomlakave.com. حاصل ڪيل 2021-11-06.  External link in |website= (مدد)
  8. "Ashraf Ghani | president of Afghanistan". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2021-11-07. 
  9. "Dr. Mohammad Ashraf Ghani | World Leaders Forum". worldleaders.columbia.edu. حاصل ڪيل 2021-11-07. 
  10. "Ashraf Ghani | president of Afghanistan". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2021-11-07. 
  11. "Ashraf Ghani | president of Afghanistan". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2021-11-06. 
  12. sidiqi, nasir Ahamad (2018-10-21). "Afghans earned democracy under Ghazi Amanullah Khan: Ghani" (en-GB ۾). https://pajhwok.com/2018/10/21/afghans-earned-democracy-under-ghazi-amanullah-khan-ghani/. 
  13. "Daoud's Footprints: how Afghanistan’s First President Influences Ghani". The Globe Post. حاصل ڪيل 2021-11-08.